22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ٻين اڳواڻن پاران ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

PML-N chief and PML-N expressed his regret over the collapse of the Kalcum Nawaz attackلنڊن( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ، آرمي چيف ۽ ٻين اڳواڻن پاران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽر فيصل جاويد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان محترما ڪلثوم نواز جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت محترما ڪلثوم نواز جي خاندان ۽ وارثن کي قانون موجب سموريون سهولتون فراهم ڪندي. وزيراعظم برطانيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي بيگم ڪلثوم  جي وارثن کي تمام ضروري سهولتن جي فراهمي ۾ سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پڻ بيگم ڪلثوم ناوز جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. متحدا قومي موومنٽ جي ناراض اڳواڻ سيد علي رضا عابدي پڻ بيگم ڪلثوم ناوز جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهارڪيو. هن پنهنجي بيان ۾ان  اميد جو اظهار ڪيو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر کي انساني همدردي جي بنياد تي ضمانت ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے