18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

يو اي اي جي ڪنڊيشن ۾ شاداب خان جو ڪردار اهم هوندو: انضمام الحق

لاهور( اسپورٽس نيوز ) چيف سليڪٽر انضام الحق چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن جي ڪنڊيشن ۾ شاداب خان جو ڪردار اهم هوندو. لاهور ۾ هڪ يونيورسٽي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي موجودا چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته  ايشيا ڪپ لاءِ چونڊيل اسڪواڊ بيٽنگ، بالنگ، ۽ فيلڊنگ ٽنهي شعبن ۾ بهترين آهي، گرين شرٽس پوري تياري سان ميدان تي لهندي، اميد آهي ته سٺي ڪارڪدگي جو مظاهرو ڪندا. انضمام الحق چيو ته هن وقت پاڪستان ٽيم جي سڀ کان وڏي طاقت هڪ ٻئي سمجهڻ ۽ اتحاد وارو ماحول آهي، يو اي اي جي سلو پچن تي سلو بالرن کي صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ملندو، قومي ٽيم ۾ ٻه اسپنر شامل آهن، شاداب خان پاڪستان جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اوپنر فخر زمان ۽ امام الحق سان گڏ بابر اعظم پڻ سٺي فارم ۾ آهي، حارث سهيل پڻ سٺي ڪارڪرگي جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب تي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته  خدا نه ڪري ايشيا ڪپ ۾ ڪو رانديگر زخمي ٿئي، جيڪڏهن ٿيو به ته يو اي اي ۾ اسان لاءِ هوم گرائونڊ جهڙو ماحول آهي، اي ٽيم پڻ اتي ايڪشن ۾ هوندي، متبادل جي ڳولها ڪرڻ ڪا به تڪليف پيش نه ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پي ايل: ٽرنباگو نائيٽ رائيڊرز گئانا واريئرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي چئمپين بڻجي وئي

تروبا (اسپورٽس نيوز) ڪيريبيئن ليگ جي 2018ع جو تاج ٽرنباگو نائيٽ رائيڊرز جي سر تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے