25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پاڪ ڀارت مقابلن ۾ دٻاءُ وارو عنصر برقرار رهڻ گهرجي: ڪپيل ديو

دبئي( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڪپيل ديو چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ميچن ۾ دٻاءُ وارو عنصر برقرار رهڻ گهرجي. اڳوڻي ڪپتان ڪپيل ديو چيو ته سدائين ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ دٻاءُ سان ڀرپور مقابلا ٿيندا آهن ان سان ئي رانديگرن جي صلاحيتون اُڀري سامهون اينديون آهن، دٻاءُ کانسواءِ کيڏڻ جو ڪو به فائدو ناهي. ايشيا ڪپ کٽڻ لاءِ ڀارتي ٽيم کي مشورو ڏيڻ واري سوال تي ڪپيل ديو چيو ته جيستائين ڪو مشورو طلبي نه يا ان جي ضرورت نه هجي نه ڏيڻ گهرجي. ڪوهلي کي ايشيا ڪپ جهڙي وڏي ايونٽ ۾ آرام ڏيڻ واري سوال تي ڪپيل ديو چيو ته وڏيون ٽيمون ڪنهن هڪ رانديگر تي ناهن ڀاڙينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے