24 سومر , سيپٽمبر 2018

 قومي وومينز ٽيم جو مصروف ترين شيڊول جاري

National Voices team's busy schedule continuesلاهور( اسپورٽس نيوز ) قومي وومينز ٽيم جي ايندڙ مصروفيتن جو شيڊول جاري ٿي ويو، پهريون ايونٽ بنگلاديش خلاف سريز هوندي جڏهن ٽيم ملائيشيا ۾ آسٽريليا خلاف هوم سريز پڻ کيڏندي. قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم پهرين آڪٽوبر کان 8 آڪٽوبر تائين 4 ٽي ٽوئنٽي ۽ هڪ ون ڊي مئچ کيڏڻ لاءِ بنگلاديش ويندي، مئچون کلنا ۾ کيڏيون وينديون، جنهن بعد ٽيم ڪينگروز خلاف هوم سريز لاءِ ڪوالامپور روانو ٿيندي جتي 11 کان 14 آڪٽوبر تائين تربيتي ڪيمپ لڳندي، جنهن بعد 18 کان 29 آڪٽوبر تائين 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون. اتي کيڏيل 3 ون ڊي ميچون آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جي حصي ۽ ايندڙ آءِ سي سي وومينز عالمي ڪپ لاءِ ڪوليفائنگ مرحلي جي حيثيت رکن ٿيون. ان سريز بعد قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ملائيشيا کان ويسٽ انڊيز روانو ٿيندي. ميگا ايونٽ کان اڳ قومي ٽيم ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش سان 4 ۽ 6 نومبر تي وارم مئچون پڻ کيڏندي، پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾  آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڀارت ۽ آئرلينڊ سان گڏ گروپ بي ۾ رکيو ويو آهي، گروپ ميچون 9 نومبر کان گيانا ۾رٿيل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے