23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي : ڪوهستان ۾ قحط سبب مسڪين ماروئڙا بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور

Kotri: Kohistan is deprived of everything, Drought severe*ڪوٽڙي جي  ڪوهستان واري علائقي ۾ قحط سبب مسڪين ماروئڙا  ڏڪار سبب  ڪوهستان کان موڪلائي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا آهن ، سرڪار پاران ساڻن ڪو به سهڪار نه پيو ڪيو وڃي.

ڄامشوري ضلعي جي ڪوهستان ۾ ڪاري ڏڪار واريون حالتون پيدا ٿي ويون آهن يونين ڪائوسل تونگ ،مول ، ڪرچات عارب خان، ڌماچ، سري  سميت ڪوهستاني علائقن مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي.

 هوڏانهن ٻيلي ٽپ، ٽڪوبارائڻ ، سنڌڙي ، مول مان ڪيترائي ڪوهستان واسي لڏي بئراجي علائقن نصرپور، هالا، مٽياري، سيکاٽ ، ٽنڊوالهيار ، ٻڍاپور، انڙپور ۽ ٻين علائقن ڏانهن وڃي رهيا آهن.

ٽڪو بارائڻ ۽ ٻيلي ٽپ ، سنڌڙي مول، ڀال ۾ چوپايو مال بک  ۽ اڃ سبب مرڻ لڳو آھي.

مسڪين ڪوهستانين سنڌ سرڪار  ۽ سماجي ڌرين کي هن اوکي ويل ۾  واهر جي اپيل ڪئي آهي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے