22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اسان جي فوجين کي سزا ڏني وئي ته عالمي عدالت جي ججن کي گرفتار ڪنداسين: آمريڪا جي ڌمڪي

دي هيگ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا عالمي ڏوهن واري عدالت جي ججن کي گرفتار ۽ مٿن بندش وجهڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو ادري موجب آمريڪي صدر جي قومي سلامتي وارن معاملن بابت صلاحڪار جان بولٽن عالمي ڏوهن عدالت کي غيرآئيني قرار ڏيندي عدالت جي ججن جي گرفتاري سميت مٿن پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. هن عدالتن تي آمريڪين سان امتيازي سلوڪ ڪرڻ تي پڻ الزام مڙهيو آهي. آمريڪي صلاحڪار جان بولٽن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجن شهرين، رضاڪارن ۽ آفيسرن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ اسان جي پهرين ترجيح پنهنجن شهرين جي حفاظت ڪرڻ آهي. جيڪڏهن عالمي فوجي عدالت آمريڪي، اسرائيلي يا اتحادي اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي ته ماٺ ڪري نه ويهنداسين. جان بولٽن وڌيڪ چيوته افغانستان ۾ مقرر آمريڪي آفيسرن خلاف فيصلو آيو ته عالمي فوجي عدالت جي ججن تي آمريڪا ۾ داخلا تي بندش هڻي ڇڏينداسين. ججن ۽ وڪيلن کي گرفتار ڪري آمريڪي انصاف واري قانون تحت ڪاروائي ڪنداسين جڏهن ته عالمي فوجي عدالت کي ملندڙ مالي امداد پڻ بند ڪئي ويندي. آمريڪا طرفان عالمي عدالت تي پابنديون لاڳو ڪرڻ وارو معاملو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ته ڪورٽ ۾ آمريڪي آفيسر2016 ۾ افغانستان ۾ قيدين سان غيرانساني ورتائو ۽ زيادتي تي ڪيسن وارن ڪيسن منهن ڏئي رهيا آهن. آمريڪي جي قومي سلامتي وارن معاملن بابت صلاحڪار جو موقف آهي ته عالمي عدالت کان جنگي ڏوهه ته نه افغانستان جاچ جي درخواست ڪئي ۽ نه ئي عدلات جي چارٽرڊ تي صحيح  ڪندڙ ڪنهن ٻئي ملڪ انهن ڪيسن کي هلائڻ جو چيو تنهن ڪري عدالت اهو ڪيس هلائڻ جو اختيار نٿي رکي. ٻئي پاسي عالمي عدالت واضح موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته عدالت کي دنيا جي ڪنهن به متاثر يا جنگ دوران ٿيندڙ نسل ڪشي، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت تي ٿيندڙ ظلمن جو پاڻمرادو ڪيس هلائي سگهي ٿي . واضح رهي ته عالمي عدالت نسل ڪشي، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت سان ٿيندڙ ظلمن جي جاچ ڪرڻ ۽ متاثرن کي انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ 2002 ۾ قائم ڪئي وئي هئي. برطانيا سميت 123 ملڪ عدالت سان جڙيل آهن جڏهن ته آمريڪا پاڻ کي عدالت کان اڃان تائين الڳ رکيو پيو اچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے