25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج ڪنداسين: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڌمڪي ۽ داٻي جي حڪومت کي نه ٿا مڃن، حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ته احتجاج ڪنداسين،  چين پاڪستان جو اهم ترين دوست ملڪ آهي، سي پيڪ کي رول بيڪ ڪرڻ نقصانڪار ثابت ٿيندو. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خورشاهه شاهه چيو ته 50 لک گهرن لاءِ 5 هزار کرب گهرجن، هڪ ڪروڙ نوڪرين لاءِ ڪيترائي سال گهرجن، حڪومت جي چادر گوڏن کان به مٿي آهي، پير ايترا ڊگها ڪرڻ گهرجن جيتري چادر هجي، جلسا نه ٿي رهيا آهن، هاڻي يوٽرن سان ڪم نه هلندو. هن چيو ته  ملڪ ۾ ڊيم جا اڏاوت جا حامي آهيون، ڊيم ٺهندا ته ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، ڊيم تي به سياست ڪئي پئي وڃي، نعرن سان ڊيم نه ٺهندا. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي چاهيون ٿا، ڪوشش هوندي ته موجوده حڪومت کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس، ملڪي مفاد ۾ گهڻن معاملن تي خاموشي اختيار ڪئي آهي.خورشيد شاهه چيو ته سياست ۾ پارليامينٽ کي هميشه اوليت ڏني آهي، چونڊ نتيجن کي پهريون به مڃڻ کان انڪار ڪيو هاڻي به ڪيون ٿا، مبينا ڌانڌلي باوجود حڪومت کي قبوليو، وزيراعظم به پارلياماني ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو، سڀ کي چوان ٿو ته پارليامينٽ ۾ اچن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے