19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضياءُ الحسن لنجار خلاف ناجائز اختارين جي ڪيس جي ٻڌڻي

Hearing the case of illegally disqualified against Zia-ul-Hassan Lijar in the High Courtڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي قانون واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار خلاف بدعنواني ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت ٻڌڻي نيب پراسيڪوٽر جي اپيل تي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُالحسن لنجار جي خلاف بدعنواني ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت ڪيس ٻڌڻي ٿي.ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ضياءُ الحسن لنجار خلاف جاچ جاري آهي ۽ جاچ دوران ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون آيون آهن.نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته  ضياءُ الحسن لنجار پاران ڊفيسن ۾ بنگلو خريدڻ واري معاملي جو به پتو لڳايو ويو آهي ۽ ڄاڻ ملي آهي ته بنگلي جو خريداري جو معاهدو ضياءُ لنجار جي نالي آهي.ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي گذارش ڪئي ته وڌيڪ شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ ٻڌڻي 5نومبر تائين ملتوي ڪئي وڃي  جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Muharram-ul-Haram Jalos, mobile services closed in different cities

محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾  8 محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے