20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: جهڏو: ڦٽيون وڍڻ کان روڪڻ تي جهيڙي جو متاثر هاري پاران ڪيس داخل

Jhudo: Farmers reported a case of victimization  on them by influential*جهڏي  ويجهو ڦٽيون وڍڻ کان روڪڻ تي هارياڻي ۽ سندس مڙس  تشدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

نياڻي  لڇمي ڪولهي جي تذليل ڪندڙ پٺاڻ برادري جي ٽن ڀائرن خلاف متاثر نياڻي جي سهري جي فرياد تي ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي .

ڏاجهيرو ۾ چار ڏينهن اڳ ڦٽيون وڍڻ تان روڪڻ تي ڪولهي برادري جي عورت ۽ مڙس تي پٺاڻن پاران تشدد ۽ ڪپڙا ڦاڙي عورت جي تذليل ڪندڙ 3 جوابدارن، حسين، نواب ۽  لونگ، خلاف ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي ڪولهي برادري جي ماڻھن متاثر موهن ۽ سندس پٽ ماوجي ڪولهي الزام هڻندي چيو ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ  لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن.

 هنن چيو ته پٺاڻن ساڻن  ظلم ڪيو آهي پر افسوس ڪيس داخل هجڻ باوجو جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن.

 هنن چيو ته  سياسي سرپرستي سبب ٽنڊو جان محمد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي

هنن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو  ته جوابدارن خلاف ترت قدم کڻي  کين گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات ٻارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے