25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

توهين عدالت ڪيس: ڊاڪٽر عامر لياقت جي معافي رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ اينڪر پرسن ڊاڪٽر عامر لياقت جي معافي رد ڪري ڇڏي ۽ 27 سيپٽمبر تي مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ڊاڪٽر عامر لياقت خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊاڪٽر عامر لياقت جي معافي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت عامر لياقت خلاف 27 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڊاڪٽر عامر لياقت وٽ 2 آپشن آهن ته هو ڪيسجي پيروي ڪري يا پاڻ کي عدالت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي. عدالت ڊاڪٽر عامر لياقت کي وقت ڏيندي ٻڌڻي 27 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے