19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪينگروز پاران پاڪستان خلاف 15 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ، ميڪسويل ڊراپ

Announcement of 15-Test Test Squad against Cangros against Pakistan, Mexico Dropسڊني( اسپورٽس نيوز ) آسٽريليا پاڪستان خلاف ٽيسٽ سريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسٽار آل رائونڊر گلين ميڪسويل ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٻن ٽيسٽ مئچن تي ٻڌل سريز جي شروعات آڪٽوبر جي پهرين هفتي کان ٿيندي جنهن لاءِ آسٽريليا 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان خلاف ٽيسٽ سريز ۾ ٽيم پين ڪينگروز ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي جا فرض انجام ڏيندو، ٻين رانديگرن ۾ ايرون فنچ، عثمان خواجا، ٽريوس هيڊ، پيٽرل سيڊل، جان هولانڊ، ايشٽن اگر، نٿين ليون، مچل اسٽارڪ، مچل مارش، شان مارش، مچل نيسر، ميٽ رينشا، مارنس ليبس هينگ ۽ برينڊن ڊوگٽ شامل آهن. حيرت ان ڳالهه ته آهي جو جارحاڻي مزاج واري اسٽار آل رائونڊر گلين ميڪسويل کي 15 رڪني اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي جڏهن ته 5 اهڙا رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ جاءِ ڏني وئي آهي جن اڃان ڊيبيو به ناهي ڪيو. ٽيسٽ ڪيپ حاصل ڪندڙ رانديگرن ۾ مچل نيسر، برينڊن ڊوگيٽ، مارنس ليبس هينگ، ٽريوس هيڊ ۽ ايرون فنچ شامل آهن. گلين مڪسويل ٽيم ۾ ايرون فنچ کي شامل ڪرڻ تي کيس واڌيون ڏيندي چيو ته هو ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو حقدار هو. ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ مئچ 7 کان 16 آڪٽوبر تائين ۽ ٻي ۽ آخري مئچ 16 کان 20 آڪٽبور تائين يو اي اي ۾ کيڏي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: India Today the competition will be held with Hong Kong

ايشيا ڪپ: اڄ ڀارت جو هانگ ڪانگ سان مقابلو ٿيندو

دبئي ( اسپورٽس نيوز )  چوڏهين ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ اڄ ڀارت جو هانگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے