20 خميس , سيپٽمبر 2018

چين پاران پاڪستان ريلوي ۾ بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد سان چيني ريلوي جي اختيارين ملاقات ڪئي جنهن ۾ چيني اختيارين پاڪستان ريلوي ۾ بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري به ڪرائي آهي.  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد سان چيني ريلوي جي اختيارين ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي ۾ بهتري بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ٻڌايو ته 2 نيون گاڏيون هلائي رهيا آهيون جنهن جو افتتاح وزيراعظم ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ريلوي ۽ اسان سي پيڪ جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. چيني اختيارين پاران پاڪستان ريلوي ۾ بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري به ڪرائي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے