19 اربع , سيپٽمبر 2018

راندين ۾ بهتري وقت جي ضرورت ۽ پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راندين ۾ بهتري وقت جي ضرورت ۽ پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ راندين بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير فهميده مرزا، آءِ پي سي جي سيڪريٽري  جميل احمد، ڊي جي پاڪستان سپورٽس بورڊ عارف ابراهيم سميت ٻين اختيارين به شرڪت ڪئي. بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي راندين جي حالت، اسپورٽس پاليسي جي تياري ۽ هاڪي سميت ٻين رانديگرن جي سموري صورتحال ۽ حقيقتن بابت بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته راندين جا ميدان آبات ڪرڻ بابت اوليتن کان به آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته راندين ۾ بهتري وقت جي ضرورت ۽ پهرين ترجيح آهي، راندين ۾ بهتري لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے