21 جمعو , سيپٽمبر 2018

 روسي تاريخ جي سڀ کان وڏي فوجي مشقن جي شروعات اڄ ٿيندي

The biggest military practice of the Russian history will begin todayماسڪو( ويب ڊيسڪ ) روس جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فوجي مشقن جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ”ووسٽوڪ 2018“ جي نالي جنگي مشقون سائيبيريا جي ڏاکڻي حصي ۾ ڪيون وينديون جنهن ۾ چين ۽ منگوليا جي فوجي دستن سميت 3 لک فوجي اهلڪار حصو وٺندا. هڪ هفتي تائين جاري رهندڙ فوجي مشقن ۾ 36 هزار فوجي گاڏيون، هڪ هزار جهاز ۽ 80 جنگي جهاز حصو وٺي رهيا آهن جڏهن ته روسي صدر والديمير پيوٽن پڻ ووسٽوڪ مشقن جو جائزو وٺندو. روس جي بچاءَ واري وزير سوئگي جو چوڻ ِآهي ته ٽه لک فوجي، 36 هزار فوجي گاڏين، هڪ هزار جهازن ۽ 80 جنگي  ٻيڙا مشقن جو حصو هوندا، ان جو سڄو مقصد ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ آهي. ياد رهي ته روس ان کان اڳ ”ووسٽوڪ 2014“ نالي سان فوجي مشقون ڪيون هيون جنهن ۾ هڪ لک 55 هزار فوجي اهلڪارن شرڪت ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے