21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڊيم فنڊ تي خيرات وٺڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ نيب کي ايل اين جي ٺاهه جي انڪوائري جلد مڪمل ڪري تفصيلي رپورٽ بند لفافي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي،  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيم جي اڏاوت تي خيرات وٺڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ متفرق ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ڊيم جي اڏاوت بابت رمارڪس ڏيندي چندا مهم تي تنقيد ڪندڙن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته خيرات وٺي رهيا آهن تن کي شرم اچڻ گهرجي، اهڙي قسم جا الزام هڻندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته  مخالفن کي ڪجهه نه مليو ته ڊيم جي اڏاوت تي مخالفت شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪم ظرف ماڻهو اهڙي قسم جي سوچ رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان اهو ڪم قومي جذبي تحت شروع ڪيو آهي، پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ خيرات وٺڻ ناهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب کي پنهنجو گهر سڌارڻو پوندو، جاچ ڪندي تذليل ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماڻهن کي گهرائي ويهاريو ويندو آهي، نيب جي رويي تي ڪالهه هڪ وڪيل جو پٽ منهنجي پيرن ۾ پئجي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے