22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ شديد سوڪهڙي جو خدشو….

ميڊيا ۾ ڪيترن مهينن کان سنڌ جي مختلف علائقن  ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ جون خبرون اينديون رهيون آهن ۽ سڄي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبادگارن جا مظاهرا به روز جو معمول بڻيل آهن، سنڌ جي ٿر وارن علائقن ۾ ته ڏڪر اعلانجي ويو آهي، جڏهن ته ٺٽي جي جابلو پٽيءَ واري ڪوهستاني علائقي ۾ ڏڪر پنهنجا پر پکيڙي رهيو آهي، ڪيئي اطلاعن موجب ڪاڇي جي ڪوهستاني پٽيءَ ۾ پاڻيءَ جي سطح انتهائي گهٽجڻ ڪري پيئڻ لاءِ به پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، فصلن نه ٿيڻ ڪري مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي ۽ جانورن ۾ موت پئجي ويو آهي ۽ ماڻهو وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، هاڻي پاڻي سڄي سنڌ ۾ ناياب ٿي ويو آهي،

سنڌ شديد سوڪهڙي جي طرف وڌي رهي آهي، ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي صدر قبول محمد کٽياڻ جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ وسيلي هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيو، آبادگارن سنڌ جي ٽنهي بئراجن گڊو، سکر ۽ خاص ڪري ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽنهي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب هڪ ڪروڙ 27 لک ايڪڙ ايريا مان 80 سيڪڙو متاثر ٿي آهي، 90 لک ايڪڙن تي پوکيل فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ مجموعي طور تي 21 لک ايڪڙن تي سارين، 17 لک ايڪڙن تي ڪمند، 14 لک ايڪڙن تي وونئڻن ۽ 38 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ، ڪيلي سميت ٻين فصلن جي پوک ٿئي ٿي.

آبادگارن جو چوڻ هو ته هن وقت سکر بئراج کان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ٿيندڙ 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي اپ اسٽريم ۾ جمع ڪري ڪئنالن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي.

آبادگارن چيو ته ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇي کي برساتون نه پوڻ سبب آفت سٽيل قرار ڏيڻ جيان سڄي سنڌ ۾ 6 مهينن کان پاڻي جي کوٽ سبب فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿيڻ ڪري سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي، آبادگارن کي ڍل، آبيانو، عشر ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل زرعي قرض معاف ڪيا وڃن،

ايوان زراعت سنڌ طرفان ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي انگ اکر ۽ حقيقتون پيش ڪيون ويون آهن اهي انتهائي تشويش ناڪ آهن، پر انهن کان وڌيڪ تشويش جي ڳالهه اها آهي ته وفاقي سرڪار، پاڻي ورڇ سان ڳالاپيل ادارا ۽ سنڌ حڪومت انهن سڀني حقيقتن کان ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن جنهن ڪري سنڌي عوام ۽ سنڌ جي آبادگارن ۾ پڻ تشويش جو پيدا ٿيڻ انتهائي اڻٽر ۽ فطري اَمرُ  آهي.

سنڌ ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان جاري پاڻيءَ جي کوٽ سبب هاڻي ته ڪافي حلقن ۾ اهي ڳالهيون به عام ٿي رهيون آهن ته سنڌ ۾ 90 لک ايڪڙن تي پوکيل فصل سڪي سڙي رهيو آهي ۽ پنجاب ۾ سمورا فصل بمپر ٿي رهيا آهن، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي ۽ ملڪ جا ٻه ڊيم تربيلا ۽ منگلا تارون تار آهن، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌي عوام هر روز ۽ هر موسم جي بنياد تي مظاهرا ۽ مطالبا ڪري رهيو آهي پر پنجاب ۾ ڪڏهن به پاڻيءَ جي کوٽ لاءِ ڪو هڪڙو مظاهرو به نه ٿيو آهي، هاڻي اهو سوال به شدت سان اڀري رهيو آهي ته هڪ وفاقي ملڪ جي  ٻن الڳ الڳ وفاقي ايڪاين ۾ الڳ، الڳ حالتون ڇوآهن؟.

اسان اڳ به ڪيترن ئي ايڊيٽوريلز ۾ اها ڪوشش ڪندا رهيا آهيون ته سنڌ جي حالتن جي هڪ حقيقي تصوير وفاقي اختيارين ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين تائين پهچايون ته جيئن انهن جو سنڌ جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائي سگهجي، اسان جي اها به ڪوشش رهي آهي ته سنڌ حڪومت جي اختيارين تائين به سنڌي عوام جا مسئلا پهچايون ته جيئن انهن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي.

سنڌ ڪيترن ئي قسمن جي شديد مسئلن جي ور چڙهيل آهي ۽ هاڻي اڳتي جيڪي به مسئلا ۽ مامرا سنڌ جي سامهون ايند شايد انهن جي شدت ايتري وڌي وئي هوندي جو اهي سنڌي سماج جي برداشت کان ٻاهر ٿي وڃن ۽ سنڌي سماج مجموعي طور تي ڪنهن وڏي ردعمل جو اظهار نه ڪري ويهي، ڇو جو هاڻي سنڌ جا اقتصادي، مالي ۽ معاشي بحران ايترا ته شديد ٿي ويا آهن جو هاڻي اهي برداشت جوڳا نه رهيا آهن.

سنڌي عوام اها ڳالهه سمجهڻ چاهي ٿو ته سنڌ جا مسئلا حل ڇو نه پيا ٿين؟، سنڌ جا مسئلا حل ڪير ڪندو؟، سنڌ سرڪار سڏ نه پئي ورنائي ۽ وفاقي سرڪار ٻڌڻ نه ٿي چاهي، اها عجيب صورتحال آهي جيڪا سماج کي ويڳاڻپ طرف ڌڪي رهي آهي، جنهن جو نتيجيو سواءِ ڪنهن نقصان جي ٻيو ڪوبه نه نڪرندو. سنڌ جو آبادگار سوچي پيو ته سنڌ ۾ سوڪهڙي دوران ملڪ جا ٻه ڊيم ڇو ڀريل آهن، انهن مان سنڌ کي پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، ڇو؟.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سنڌ ۾ ايندڙ سوڪهڙي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، اسان صوبائي توڙي، وفاقي وس وارن ادارن کي هڪ دفعو وري اها ڳالهه ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ ۾ شديد سوڪهڙي  سبب سنڌي سماج جون معاشي حالتون شديد بحران طرف وڌي رهيون آهن جنهن جو اثر مجموعي طور تي سڄي سماج تي پوندو تنهنڪري ضروري آهي ته سنڌ کي ڪنهن وڏي بحران ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ فور توجهه ڏنو وڃي ۽ سنڌ جا پاڻيءَ سميت مجموعي مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ سنڌ حڪومت کي به اها گذارش ڪرڻ ضروري ٿا سمجهو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ  جي حل ڪرڻ لاءِ فورن اپاءَ وٺي.

اڱارو 11 سيپٽمبر  2018ع، 30 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے