23 آچر , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ پاران ايل اين جي ٺاهه جا تفصيل طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ قطر سان ايل اين جي جي خريداري بابت ٺاهه جا تفصيل فوري طور طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ايل اين جي ٺاهه خلاف شهري جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مهانگي اگهن تي ايل اين جي گهرائڻ جو ٺاهه ڪيو ويو آهي جنهن سان ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب جو ڪو نمائندو عدالت ۾ موجود آهي جنهن ۾ عدالت کي نه جي صورت ۾ جواب مليو، چيف جسٽس چيو ته نيب جو ڪو نمائندو هتي موجود هئڻ گهرجي. عدالت ڪيس جي انڪوائري جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے