19 اربع , سيپٽمبر 2018

رياست ۽ حڪومت ۾ فرق..؟

سيد انور شاهه

گذريل ڏينهن جنرل هيڊ ڪواٽرز ۾ يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان ٿيندڙ تقريب ۾ وزير اعظم عمران خان جو اهو چوڻ ته، “ هاڻي منهنجو اهو واعدو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ اسان جي پرڏيهي پاليسي پڻ پاڪستان جي بهتريءَ ۾ هوندي”. هُن اهو به چيو ته،  ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي شرڪت جي خلاف هيس پر جهڙي نموني پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون، اهڙي نموني دنيا ۾ ٻي ڪنهن فوج ڪاميابيون حاصل نه ڪيون آهن“. ان موقعي تي هُن اهو به چيو ته،“ هن وقت ملڪ ۾ جيڪو ادارو ڪم ڪري رهيو آهي اهو فوج جو ادارو ئي آهي، جنهن اداري ۾ ميرٽ جو نظام قائم آهي”. سندس وڌيڪ اهو به چوڻ هو ته،“ اسان کي پنهنجا ادارا مضبوط ڪرڻا آهن ڇو؟؛ جو سياسي مداخلت سبب ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا”.ان موقعي ته هُن هڪ ٻي سُٺي ڳالهه اها به ڪئي ته،“ جڏهن ڪمزور ماڻهو اهو محسوس ڪندو ته کيس انصاف ملي رهيو آهي ته قوم مٿي اٿندي”. هُن ان موقعي تي اها ڳالهه ڇٽي نموني واضع ڪئي ته،“ سول ۽ ملٽري لاڳاپن وچ ۾ ڪو به مسئلو نه آهي، ٻنهي ادارن جي اها ڪوشش آهي ته گڏجي ڪري ملڪ کي ترقي جي منزل ڏانهن وٺي وڃجي”.

عمران خان جي تقرير بعد ذهن ۾ رياست جي حوالي سان ڪجهه سوالن جنم ورتو آهي، ڇو؟؛ جو جڏهن کان ايڪس ڪيڊزر صحافت ۽ سياست ۾ داخل ٿيا آهن تڏهن کان صحافت ۾ رياست جو لفظ عام طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي. سياست ۽ علم جي مختلف اصطلاحن جي ڊڪشنرين ۾ لفط ، “رياست” جو ن ڪيئي ۽ الڳ الڳ تعريفون ۽ وصفون ملن ٿيون. دنيا ۾ هڪ خودمختيار رياست ڪنهن به اهڙي ملڪ يا علائقي کي چيو  ويندو آهي جنهن ۾ مستقل آبادي، متعين ڪيل سرحدن اندر، هڪ حڪومتي نظام ۾ رهندي هُجي، اها رياست دنيا جي ٻين ڪيئي آزاد ۽ خودمختيار رياستن سان سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هُجي.

جڏهن ته 1933ع جي عالمي چارٽر ۾ جن ۾ رياستن جي حقن ۽ فرضن مطابق ڪجهه عنصرن جو تعين ڪري هڪ وصف مرتب ڪئي آهي ان مطابق رياست لاءِ چئن جزن جو هجڻ ضروري آهي، جن مان ڪنهن به هڪ جزي جي نه هجڻ سبب اهو علائقي رياست جو درجو حاصل ڪري نه سگهندي. عالمي چارٽر ۾ بيان ڪيل اهي چار نقطا هن طرح سان آهن.

( 1 ). هڪ خودمختيار رياست ٻين رياستن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي.

( 2 ). هڪ خودمختيار رياست جو تصور اهو به آهي ته اها رياست پنهنجي نظام حڪومت تحت پنهنجا معاملا هلائڻ ۾ خودمختيار هُجي ۽ ان تي رياست جي معاملن ۽ فيصلي سازيءَ ۾ ڪنهن به پرڏيهي رياست يا طاقت جو عمل دخل يا اثر نه هُجي.

( 3 ). هڪ خودمختيار رياست جي اها به خاصيت هجڻ گهرجي ته ان رياست ۾ جيڪو به هڪ مخصوص آئين به هجڻ گهرجي ۽ ان رياست جي حڪومت پنهنجي انهيءَ آئين تحت پنهنجي عوام سان سواءِ ڪنهن پرڏيهي دٻاءَ جي آزاد نموني زندگيءَ جو وهنوار برقرار رکي.

( 4 ). دنيا جي ڪابه رياست تيستائين به هڪ خودمختيار رياست چوائي نه ٿي سگهي جيستائين کيس دنيا جون ٻيون رياستون سندس وجود کي تسليم نه ڪن، هڪ خودمختيار رياست پنهنجي حوالي سان، هڪ خودمختيار رياست ته هوندي آهي پر کيس انهن رياستن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ ڪافي تڪليف ۽ مشڪلاتون درپيش هونديون آهن جيڪي کيس تسليم نه ڪنديون آهن.

هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست بابت مٿي بيان ڪيل چئن عنصرن مان ٽي عنصر ته هڪ جهڙا آهن، مثلن؛ عوام کان سواءِ  دنيا جي ڪابه رياست وجود ۾ نه ٿي اچي، جتي ماڻهو ئي نه هجن اتي رياست جي هجڻ ۽ نه هجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ، ٻيو عنصر حڪومت يا سياسي تنظيم آهي؛ يعني جيڪي ماڻهو رياست ۾ موجود آهن انهن وچ ۾ فرضن جي ذميواري ۽ حقن جي ادائگي جو هڪ طريقيڪار هجڻ گهرجي جنهن ته ماڻهو اتفاق ڪن. دنيا جون سموريون رياستون آئين مهيا ڪنديون آهن پوءِ اهو لکيل هُجي يا اڻ لکيل هُجي.

اسان جڏهن آئين جي تقدس جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان جي پويان اها ئي سوچ سمايل هوندي آهي ته جيڪڏهن اسان آئين کي تباهه ڪيو / نقصان پهچايو ته ان جي نتيجي ۾ رياست پنهنجو وجود وڃائي ويهندي. ٽيون عنصر علائقائي آهي جنهن کي موجوده رياستي نظام ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. جيڪڏهن ڪنهن رياست وٽ پنهنجو علائقو نه آهي ته ان صورت ۾ ان کي رياست جو درجو نه ٿو ملي سگهي.  اسان جيڪڏهن پنهنجي خطي کي ڏسون ته ان ۾ ڪيئي الڳ الڳ وطن نظر اچن ٿا ۽ انهن ۾ الڳ وطن / ملڪ لاءِ ڪيئي تحريڪون به هلن ٿيون جن جي حمايت ۾ تمام وڏا عوامي حلقا پڻ موجود آهن ۽ انهن حلقن جون جهڙوڪر جلاوطن حڪومتون به ملن ٿيون، پر جيئن ته انهن عوامي حلقن جي نمائندن وٽ جيڪي پرڏيهه جي ملڪن ۾ الڳ وطن جون حڪومتون ٺاهي ويٺا آهن، انهن وٽ جيئن ته ڪو اهڙو علائقو نه آهي جتي انهن جي نظرئي ۽ قانون جي عملداري قائم هُجي ، جيڪڏهن هُجي ها ته تڏهن ئي اهي رياستون قرار ڏنيون وڃن ها. اسان جيڪڏن ٿورو اڃان اڳتي وڌنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هڪ رياست کي ٻي رياست طرفان تسليم ڪرڻ به ضروري آهي ان بعد ئي اها رياست دنيا جي ٻين رياستن سان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهي ٿي. رياست کان اڳتي وڌندي جڏهن اسان هڪ مثالي رياست جون ڳالهه ڪنداسين ته اتي رهندڙ ٻين عنصرن جهڙوڪر اتي رهندڙ عوام جي سياسي تنظيم يا حڪومت جي حالت اهم آهي. دنيا جي جنهن به معاشري ۾ ماڻهو پنهنجي رضا خوشيءَ سان جيڪا به حڪومت تشڪيل ڏين  ۽ ان بعد برابريءَ جي بنياد کي سامهون رکي قانون جي بالادستيءَ ۽ گهڻيون آسائشون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته چئبو هيءَ رياست هاڻي هڪ مثالي رياست بڻجي وئي آهي.

دنيا ۾ هاڻي مثالي رياستن جي قيام جي حوالي سان جي ڊي پي جي معاشي ترقيءَ جي معيارن کان به اڳتي جا پيمانا ڳوليا پيا وڃن. ڇو؟؛ جو ڪو وقت هيو جو ماڻهو  دنيا ۾ رڳو پئسي جي فراوانيءَ ۽ حاصلات کي ئي ڪاميابي تسليم ڪندا هيا پر هاڻي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ائين نه آهي، جڏهن ته پئسو ڏوڪڙ هاڻي فقط معاشي خوشحاليءَ جو هڪ عنصر تسيلم ڪيو وڃي ٿو، دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مثالي رياست لاءِ اتي جي ماڻهن جي اعتماد، خوشي ۽ اطمينان کي جان چيو وڃي ٿو  جيڪڏهن معاشري ۾ اطمينان ۽ خوشي ناهي ته ان معاشري کي مثالي معاشرو نه ٿو چيو وڃي.

ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل نمبر ست  رياست جي جيڪا تعريف ڪري ٿي ايڪس ڪيڊرز دانشورن ۽ جعلي ماهرين سياست جي ڪيئي منفي تعريفن بعد به ناقص ۽ ناموزون سمجهي وڃي ٿي. اسان جا رياست بابت تصور هميشه منجهيل ۽ غير واضع رهيا آهن  ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رياست جي وصف کي نئين دور جي خطرن ۽ چيلنجن مطابق نئين سر ترتيب ڏنو وڃي ۽ پوءِ ان کي نصاب جو حصو بنايو وڃي پر هن وقت تائين اهڙي قسم جي ڪابه ڳالهه نه ٿي آهي. آئين جي آرٽيڪل نمبر ست جو مطلب آهي وفاقي حڪومت، مجلس شورى يعني پارليامينٽ ڇو؟؛ جو پارليامينٽ ئي عوام جي راءِ جو مرڪز آهي، عوام جي منشا ۽ اميدن جو محور آهي، پارليامينٽ ئي قانون سازيءَ جو حق رکي ٿي ۽ رياستي زندگيءَ کي مضبوط ڪري ٿي صوبائي حڪومتون ۽ اسيمبلي ۽ وڌيڪ ته مقامي سطح تي ڪا اٿارٽي جيڪا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، رياست جي عنصر آهن. اهڙي تعريف جنهن جي شروعات ته بهتر آهي پر ان جي پڄاڻي قابل اعتراض آهي ڇو؟؛ جو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اختيار حڪومتي اختيار کي واضع ڪري ٿو، جيڪو اسان کي ڪنهن حد تائين نوآبادياتي دور ۾ واپس وٺي وڃي ٿو جڏهن انگريزن سموري بيوروڪريسيءَ کي ئي مال جمع ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيو هو.

ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اختيار رکڻ وارن کي رياست قرار ڏيڻ جديد سياست جي اصولن سان ميل نه ٿو کائي اسان کي پنهنجن تصورن کي عوام جي فلاح ۽ بهبود سان جوڙڻ گهرجي، اسان کي هتي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بجاءِ قانون سازيءَ جي اختيار جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي جيڪا مهذب ۽ قابل قبول لڳندي آهي. اسان جيڪڏهن بيان ڪيل تعريف کي قبول ڪري به وٺون تڏهن به اها تعريف ۾ اهي ادارا هڪ رياست جي دائري ۾ نه ٿا اچن جن جي تعريف ٽي وي چينلز تي ويٺل نام نهاد دانشور ڪندي نه ٿڪبا آهن. ڇو؟؛ جو انهن ادارن وٽ ٽيڪس جمع ڪرڻ جو اختيار نه آهي. ڪنهن به ٽيڪس لاءِ پارليامينٽ جي قانون سازي ضروري آهي. پارليامينٽ ئي اهڙو واحد ادارو آهي جنهن کي عوام پاڻ سڌو سنئون چونڊي ٿو ۽ ان کي ئي عوام جو خوف هوندو آهي.. جيڪڏهن پارليامينٽ ظلم ۽ زيادتيءَ واري قانون سازي ڪندي ته اها پنجن سالن بعد نه رهندي. فنا ڪرڻ واري اختيار کان ڪوبه وڏو اختيار نه آهي. اسان جيڪڏهن انهن سياست جي ماهرن جي ڏنل انهيءَ تعريف جي عنصرن طرف وڃون ٿا ته اسان وٽ ماڻهن کان سواءِ هڪ مخصوص سياسي تنظيم به سامهون اچي ٿي.

علائقو هڪ بي جان شيءِ آهي جيڪو پنهنجي وجود جو احساس نه ٿو ڏياري سگهي، حڪومت به پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ لاءِ ماڻهن جي سوچ جي محتاج هوندي آهي، اهڙي صورتحال ۾ رياست انهيءَ مخصوص علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ رياست عوام ئي آهي ۽ ان کان بغاوت رياست کان بغاوت جي برابر آهي، باقي دانشورن پاران جيڪي عدليه ۽ فوج جا ادارا به رياست جا عنصر بيان ڪيا ويا آهن اهي عوام جي خدمت ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ آهن. جيڪڏهن ان مخصوص علائقي کان ٻاهر ڪا الڳ سياسي تنظيم رکندڙ رياست جي طور تي منظم ٿي ڪوئي حملو ڪري ٿي ته انهن کان رياست جي ماڻهن کي تحفظ ڏيارڻ ۽ جيڪڏهن ملڪ جي اندر عوام وچ ۾ ڪو تڪرار ٿي پوي ٿو ته ان کي پارليامينٽ ذريعي حل ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. جيڪڏهن رياست جي عنصرن جو جائزو وٺون ته انهن ۾ ماضيءَ ۾ ٽي پر هاڻي چار عنصر شامل ٿي ويا آهن يعني پارليامينٽ، انتظاميه، عدليه ۽ صحافت. پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن چئني مان سڀ کان اهم عنصر پارليامينٽ جو آهي. –

هاڻي ملڪ جي ويهه ڪروڙ عوام جو چونڊيل وزير اعظم جو اهو چوڻ انتهائي خطرناڪ آهي ته هن وقت ملڪ جا سمورا ادار مفلوج ٿي ويا آهن ۽ صرف هڪڙو ادارو آهي جيڪو فعال آهي اهو ادارو آهي فوج جو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه انهيءَ عظيم فوج جي خلاف هڪ سازش آهي جنهن جي پاڻ هڪڙي تاريخ آهي. ان اداري کي ملڪ جي عوام پنهنجو خون ڏئي جوڙيو آهي ته جيئن اهو سندن جو تحفظ ڪري سگهي. جيستائين عمران خان جي اهڙي بيان جو تعلق آهي جنهن ۾ هُن چيو آهي ته ملڪ ۾ فقط فوج ئي هڪڙو اهڙو ادارو آهي جيڪو ڪامياب آهي ته ان جو مقصد اهو ٿيندو ته رياست ناڪام آهي ۽ سندس اهڙو بيان رياست جي ناڪاميءَ جو اعلان آهي. ملڪ ۾ هن وقت جيڪي به ادارا آهن اهي پنهنجي حال سارو ڪم ڪري رهيا آهن،  پر وسيلن جي کوٽ ڪري اهي پنهنجو ڪردار موثر نموني ادا ڪري نه پيا سگهن. جيڪڏهن انهن ادارن کي به فوج وانگر مالي وسيلا مهيا ڪيا وڃن ته اهي به فوج وانگر انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

( ليکڪ روزاني نوي زونڊا ۽ روزاني صداقت انٽرنيشنل ڪوئيٽا، اسلام آباد جو چيف ايڊيٽر آهي)

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے