24 سومر , سيپٽمبر 2018

جي اٿندي ڪرين نه تاءُ، پوءِ سج نه اڀري آءُ

ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ

ملڪ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سياست ۾ اقتدار ۾ اچڻ ۽ اقتدار کسڻ جا کوڙ سارا تجربا ٿيندا آيا آهن، ملڪ ۾ سياسي حڪومتون به جڙيون ته وڏي عرصي تائين مارشلائون به موجون ڪنديون رهيون، منڍيءَ مٽ ڪرڻ کان وٺي ملڪ ٽوڙڻ تائين حربا به هن ئي ملڪ ۾ هلايا ويا، ڪڏهن ٻاهران ماڻهو گهرائي وزيراعظم بڻايا ويا ته ڪڏهن ويٺل وزيراعظمن جا تڏا ويڙهايا ويا، ڪن کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو ته ڪن کي گولين جو نشانو بڻايو ويو. اهڙا قرب ڪوڙيءَ يا سچيءَ چونڊ ذريعي اقتدار ۾ ايندڙن سان ٿيا ۽ تاريخ ايئن جڙي ته ڪنهن به آمر جو اڳ ۽ دڳ ڪنهن به ڪو نه جهليو، ڪنهن کان ڪو پڇاڻو نه ٿيو ۽ سڀني جا گناهه معاف ٿي ويا.

اسڪندر مرزا ۽ ان کان پوءِ ايوب خان اهڙو ٻج ڇٽيو، جنهن جي ٻوٽن مان وڌي وڻ ٿيا ۽ انهن وڻن جي ڇانو ۾ يحييٰ خان، ضياءَ الحق ۽ مشرف پرويز ويهي وسرام ڪيو ۽ موجون ماڻيون، جڏهن وري سياستدانن کي حڪمرانيءَ جو وارو مليو ته انهن هڪ ٻئي خلاف کڏيون کوٽيون ۽ ڪنهن کي به قرار سان حڪومت ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو. جن کي موقعو مليو ته انهن مطلق العنانيءَ جا رڪارڊ قائم ڪيا ۽ ايترو آپي کان نڪري ويا جو ٻين سان گڏ پنهنجي به ڀينگ ڪري ويا. ڪنهن وقفي کان سواءِ پهريون پيپلز پارٽي پوءِ نواز ليگ ۽ هاڻي پي ٽي آءِ کي مرڪز ۾ حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن ٽئين جنم ۾ سياستدان ڪنهن نئين سياسي ڪلچر کي آڻڻ ۽ مانوس ڪرائڻ جي ڪوشس ڪن ٿا يا اڳ واري روايتي گٺل پيٺل ۽ خودڪشيءَ واري طريقي تي هلڻ جو فيصلو ڪن ٿا.

اعتراضن ۽ شڪن باوجود زميني حقيقتون هي آهن ته هن وقت پي ٽي آءِ جو پاسو ڳورو آهي ۽ مرڪز کان سواءِ ٻن صوبن ۾ انهيءَ پارٽيءَ جي حڪومت آهي. حالتون هٿ ۾ اين او سي کڻي هر موڙ تي هن پارٽيءَ جي مدد ڪري رهيون آهن. هاڻي ڏسڻو هيءُ آهي ته اها پارٽي پنهنجي به مدد ڪري ٿي يا نه؟ تبديليءَ جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏ سياسي ڪلچر ۾ تبديلي به آڻي ٿي يا نه؟ هي جو نئون سج اڀريو آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ اڀرندي تاءُ نه ڪيو ته پوءِ ان جو اڀرڻ نه اڀرڻ برابر ئي هوندو.

پي ٽي آءِ کي اٿندي ان جي پنهنجي فيصلن ۽ قدمن ڪري ڪي قدر مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، مثال طور سنڌ ۾ گورنر واري مقرريءَ ڪيترن سوالن کي جنم ڏنو. گورنر ٿيڻ کان اڳ ئي سندس بيان ڇپيو ته هو بلاول هائوس جون ديوارون ڪيرائيندو، انهيءَ بيان جهڙوڪ اهو تاثر ڏنو ته سياست مان في الحال انتقامي ڪارروائين ڪرڻ ۾ حريفن کي ڏنڊي جي زور تي اک ڏيکارڻ وارين روايتن جو خاتمو اچڻو ناهي. اهڙيءَ ريت سندن چونڊيل صدر جي منهن مان ترجيحن بابت ڏنل بيان ۾ ”سنڌ ۽ ڪراچي“ جي لفظن سنڌي ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن کي تڪليف ڏني. ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي ۽ ان جي گاديءَ جو شهر آهي، ان ڪري ڪراچيءَ ۽ سنڌ کي الڳ الڳ حيثيت ڏيڻ سنڌ واسين جي تحريڪ پاڪستان ۾ ڏنل قربانين سان ويساهه گهاتي ڪرڻ برابر آهي، ملڪن جا سربراهه ملڪي وحدت ۽ قومي وحدت جو اهڃاڻ ۽ ذريعو ٿيندا آهن. اهي جڏهن ڪا ڌر وٺندا ته سندن غيرجانبداري مجروح ٿيندي، سنڌ حڪومت تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته قانون سازي ڪري اهڙن اصطلاحن ۽ سوچن تي پابندي وجهي ۽ وڏي سرڪار کي به اهڙو حڪم نامي جاري ڪرڻ تي آماده ڪري، ڇو ته اها ڳالهه ملڪي وحدت ۽ عوامي اتحاد جي مفاد وٽان آهي. سنڌ جون پاڪستان لاءِ قربانيون آهن ۽ نيڪ نيتون آهن انهن تي پاڻي نه ڦيريو وڃي.

مرڪز ۾ پي ٽي آءِ جي پهرين حڪومت آهي ۽ ظاهر آهي ته هن پارٽيءَ وٽ ملڪ هلائڻ جو هڪ واضح شفاف ۽ سڀني لاءِ قابل قبول پروگرام هوندو، مرڪزي حڪومت هلائڻ جي هن پهرئين تجربي ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿي اوڻاڻيون به فطري عمل ٿيندو پر نيتون صاف هجن ۽ قول خواهه فعل ۾ ڪو تضاد نظر نه اچڻ گهرجي. مرڪزي حڪومت طرفان جيڪا ”اقتصادي صلاحڪار ڪائونسل“ جوڙي وئي آهي ان ۾ هڪ قاديانيءَ کي ميمبر طور کڻڻ تي چوٻول ٿيو آهي پر ان تي حڪومتي رد عمل غيرسنجيده، ناتجربيڪاريءَ جو عڪس ۽ روايتي لڳي ٿو. حڪومت طرفان اهو چوڻ ته تنقيد ڪرڻ وارا دهشتگرد آهن، اهو ته ائين ٿيو ته اڳ ڪنهن کي اسلام دشمن چيو ويندو هو ته ڪڏهن ملڪ دشمن ڀارت يا افغانستان جوا يجنٽ چيو ويندو هو، جڏهن منطق ۽ عقل موڪلائي ويندا آهن ته زبانون توبون ۽ بندوقون بڻجي وينديون آهن، اختلافي ڳالهيون ڪجهه بحث سان نه پر منطق ۽ طريقي سان حل ڪيون وينديون آهن، ان لاءِ ڪي اصول ۽ ڪي بنياد رکيا ويندا آهن، حڪومتون نانيءَ ويڙها ٺاهي نه هلائبيون آهن پر سڀني کي پاڻ سان گڏ کڻي هلبو آهي.

ملڪي اقليتون به ملڪ جي محبت ۽ خدمت ۾ باقي اڪثريت کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ڪو نه آهن، قادياني ملڪ جي واحد اقليت ڪانهي، اقليتن ۾ هندو به اچي وڃن ٿا ته عيسائي به اچي وڃن ٿا. هي هڪ قادياني ڪري مسئلو ان ڪري وڌيو آهي ته ساڳي همراهه جو اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ پارٽيءَ وارن نالو وٺي ڪنهن عهدي رتبي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

حڪومت پوءِ اها مرڪزي هجي يا صوبائي، ان کي وزيرن مقرر ڪرڻ ڪنهن ڪاميٽيءَ يا ڪائونسل جي ميمبرن مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ مستقل نوعيت جي حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي ته جيئن احساس محرومي جنم نه وٺي ۽ هر ڪنهن کي قومي خدمت ڪرڻ ۾ برابر جو ونڊ ۽ حصو ملي. جڏهن مرڪزي سطح تي وزير مقرر ڪيا وڃن، ڪا ڪائونسل يا ڪاميٽي جوڙي وڃي ته هڪ طرف سمورن صوبن کي نمائندگي ڏني وڃي ۽ ٻئي طرف مکيه اقليتن هندن، عيسائين ۽ قاديانين کي برابريءَ جي بنياد تي نمائندگي ڏني وڃي، جيڪڏهن وزيرن، ڪنهن ڪائونسل يا ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جو ان ڪري تعداد وڌي وڃي ٿو ته ان ۾ ڪا اربعا خطا ڪانهي، ڪو ملڪ جو خزانو خالي ڪو نه ٿيندو پر ان جي برعڪس هر ڪنهن کي پنهنجي حب الوطني ۽ ٻين سان برابري تي فخر محسوس ٿيندو. اهو ملڪي وحدت ۽ عوامي اتحاد جي مفاد وٽان ئي هوندو.

پي ٽي آءِ جي حڪومت کي وزيرن مقرر ڪرڻ ڪاميٽين يا ڪائونسلن تي ميمبر مقرر ڪرڻ لاءِ پسند ۽ چونڊ بدران برابري ۽ اشتراڪ تي توجهه ڏيڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اها جهڙوڪ پنهنجي حريفن کي مخالفت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي. اهڙي پاليسي صوبائي حڪومتون به شروع ڪن، پسند ۽ چونڊ جو ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي جاءِ تي نمائندگي ۽ صلاحيت کي اوليت ڏيڻ گهرجي، ان سان ئي ادارن ۾ ٿيندڙ ڀينگ جو خاتمو آڻي سگهبو.

پي ٽي آءِ ان جي اڳواڻن ۽ عام ڪارڪنن کي عوامي ڀلائي، قومي اتحاد ۽ دائمي تبديلي لاءِ ڌيرج ۽ بردباري کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ ڪنهن به قدم کڻڻ يا فيصلي ڪرڻ کان اڳ باريڪ بيني سان سوچڻو پوندو. ڇو ته هن پارٽيءَ جون حڪمت عمليون ۽ حڪمراني ايندڙ دور جي سياست تي گهرا اثر وجهنديون. في الحال ته هوا جي بوءِ ۽ خوش بوءِ مان هن نئين اڀريل سج جي تاءَ ۽ ڏک جي خبر پئي ٿي ته روايتي دڳ ڇڏي ڪا نئين راهه وٺڻ ۾ حڪمرانن کي ڏاڍي تڪليف محسوس ٿيندي. جي انهن  تڪليف برداشت نه ڪئي ته پوءِ عوام کي تمام وڏي تڪليف ڏسڻي پوندي.

هيءَ پارٽي ڪرپشن جي خاتمي جي واعدي جي بنياد تي اقتدار ۾ آئي آهي، انهن ڪرپشن جي ڳالهين هن پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ نواز خاندان جا ٽپڙ ٽيشن تي پهچائي ڇڏيا. پيپلز پارٽي لاءِ نه پر پارٽي اڳواڻن جي ڪرپشن جون ڳالهيون اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ پوءِ پئي ڪيون آهن. هن واعدي کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو تصادم اڻ ٽڙ نظر اچي ٿو.

پيپلز پارٽيءَ جي قيادت هن وقت تائين بلڪه صدارتي چونڊ تائين تصادم کان بچڻ جا جتن ڪيا آهن، ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، عوام ۽ ملڪ جو پئسو انهن کي موٽي ملڻ گهرجي، ڏسڻو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ننهن سان ٿا ڇنن يا ڪاتي ٿا ڪم آڻن؟ اهي ايجنڊا حڪمران پارٽي جي سياسي بصيرت جو وڏو امتحان هوندو، سندن اقتدار جو سج ته اڀريو آهي پر ڏسون ته اڀرندي ڪهڙو تاءُ ٿو ڏيکاري؟.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے