23 آچر , سيپٽمبر 2018

سعودي شاهي خاندان جا 11 ڪروڙ رپين جي ماليت جا زيور پئرس جي هوٽل مان چوري

The jewel of property worth 11 million rupees stolen from the Pierce Hotelپئرس( ويب ڊيسڪ )  پئرس جي مشهور رٽز هوٽل مان سعودي شاهي خاندان جا 11 ڪروڙ 46 لک رپين جي ماليت جا زيور چوري ٿي ويا جنهن جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي. سعودي شاهي خاندان جي فرد نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ويو آهي ته چوري وارو واقعو جمعي واري ڏينهن منهجند جو پيش آيو، چوري ٿيل زيورن ۽ هيرن جي ماليت 9 لک 30 هزار ڊالر يعني 11 ڪروڙ 46 لک رپين جي لڳ ڀڳ ٿيندي. رپورٽن موجب فائيو اسٽار هوٽل ۾ چوري جو اهو ٻيو واقعو آهي جنهن ۾ هن دفعي سعودي شاهد خاندن جي ميمبر کي نشانو بڻايو ويو آهي جيڪو ان هوٽل ترسيل هيو. اهو هوٽل مشهور سياحتي هند پلس وينڊم جي ڀرسان قائم آهي. ڪاروائي جي فوري بعد فرانس جي هڪ خاص جاچ ٽيم جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ جنوري ۾ رٽز هوٽل جي اندر قائم سون جي دڪانن مان هٿياربند ماڻهن 40 لک يورو جي ماليت جي زيور تي هٿ صاف ڪيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے