24 سومر , سيپٽمبر 2018

فرزانا جمالي جو الزام ڊرامو قرار، استاد عامر خٽڪ جي رويي کان شاگردياڻين کي شڪايتون هيون: جاچ رپورٽ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نواب شاهه جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي فرزانا جمالي کي يونيورسٽي جي ليڪچرار پاران هراسان ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان جوڙيل جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ سنڌ سرڪار حوالي ڪري ڇڏي آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي عبدالقدير راجپوت جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته شاگردياڻي فرزانا جمالي 15ڏينهن مان 7 ڏينهن غير حاضر هئي. ليڪچرار عامر خٽڪ تي هراسان ڪرڻ جو الزام ڊرامو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ليڪچرار عامر خٽڪ جي رويي کان ڪجهه شاگردياڻين کي شڪايت هئي. يونيورسٽي ۾ جنسي هراسان جي معاملن بابت قائم ڪميٽي کي فعال ڪيو وڃي ۽ نئين ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي وڃي. سنڌ سرڪار حوالي ڪيل رپورٽ تي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ٻين ميمبرن جون صحيحون آهن. جڏهن ته ڪميٽي جي ميمبر ڊي سي نوشهروفيروز جي صحيح ٿيل نه آهي. 029

سيشن جج ۽ ڊي آءِ جي بينظير آباد طرفان جاچ رپورٽون چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ حوالي

ڪراچي/ نواب شاهه : شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي فرزانه جمالي کي هراسان ڪرڻ واري معاملي جي  سيشن جج شهيد بينظير آباد  ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي ڌار ڌار  رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  چيف جسٽس  احمد علي شيخ کي موڪلي ڇڏي آهي .رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شاگردياڻي فرزانه جمالي پروفيسر عامر خٽڪ ۽ وي سي جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي.ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، ياد رهي ته چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ شاگردياڻي فرزانه جمالي کي هراسان ڪرڻ جو نوٽيس عوامي آواز جي خبر تي ورتو هو .هوڏانهن ٻانڌي ۾ جمالي برادري جو محمد بچل جمالي جي اڳواڻي ۾ ڪٺ ٿيو. جنهن ۾ برادري جي معززن شرڪت ڪئي. ڪٺ ۾ چيو ويو ته صوبائي وزير عذرا پيچوهو جي تڪراري بيان کانپوءِ حڪومت جي ڪنهن به جاچ تي اعتماد ناهي. ڪٺ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ جو در کڙڪايو ويندو. عدالتي جاچ تي اعتماد آهي. جڏهن ته جسقم، ايس ٽي پي، پ پ شهيد ڀٽو ۽ ايس يو پي طرفان سڀاڻي 12 سيپٽمبر تي اعلانيل احتجاجي ڌرڻي جون تياريون جاري آهن. 029

شهيد بينظير يونيورسٽي انتظاميا ۽ شاگردياڻي فرزانا قانوني رستو اختيار نه ڪيو، فيصلي تائين ليڪچرار کي معطل ڪيو وڃي: سفارش

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه ۾ شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ سنڌ ڪميشن اسٽيٽس آف وومين رپورٽ جوڙي وڏي وزير کي موڪلي ڇڏي آهي، رپورٽ ۾  ٻنهي ڌرين جي قانون تي عمل نه ڪرڻ جي نشاندهي، فيصلي اچڻ تائين استاد کي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪيل، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ڪميشن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن نزهت شيرين شاگردياڻي فرزانا جمالي کي هراسان ڪرڻ واري واقعي جي جاچ بعد رپورٽ جوڙي سنڌ جي وڏي وزير کي موڪلي ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته جيستائين عدالت جو فيصلو نه ٿو اچي ان وقت تائين ليڪچرار عامر خٽڪ کي معطل ڪيو وڃي، رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته الزام هڻندڙ شاگردياڻي قانوني رستو اختيار نه ڪيو، يونيورسٽي جي رولز  کي فالو نه ڪيو ۽ نه وري ليڪچرار خلاف وومين ڪمپلين سيل کي درخواست ڏني، جيڪو سيل يونيورسٽي ۾ فعال آهي، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا به قانون تي عمل نه ڪيو آهي، ڪميشن جي هدايت باوجود حراسمينٽ جي حوالي سان بورڊ نه لڳايا ويا، رپورٽ ۾ اها به سفارش ڪئي وئي آهي ته هن واقعي جي ڪري شاگردياڻي جي تعليم متاثر نه ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ يونيورسٽي انتظاميا، شاگردياڻي ۽ سندس والدين کي پابند بڻايو وڃي ته شاگردياڻي جي تعليم کي برقرار رکيو ويندو. ان حوالي سان عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي  سنڌ ڪميشن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن نزهت شيرين رپورٽ جي تصديق ڪندي چيو ته شاگردياڻي جي معاملي کي ميڊيا ۾ گهڻو نه کنيو وڃي، ان سان نياڻي جي تعليم متاثر ٿيندي، هن چيو ته سياسي فائدن لاءِ شاگردياڻين کي استعمال نه ڪيو وڃي، اڳ ئي سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم گهٽ آهي، ان ۾ رڪاوٽ نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته نوابشاهه يونيورسٽي سميت سمورين يونيورسٽين کي حراسمينٽ سيل فعال ڪرڻ ۽ ان بابت بورڊ به لڳائڻ گهرجن جنهن سان حراسمينٽ وارن واقعن کي موقعي تي ئي حل ڪري سگهجي ٿو.0630

شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جو واقعو شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي: سردار شاهه

ڪراچي: تعليم واري وزير سردار شاهه بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ شآگردياڻي کي هراسان ڪرڻ واري واقعي بابت صحت واري وزير جي بيان کي ذاتي موقف قرار ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽي ۾ حراسمينٽ جو واقعو شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو  آهي، اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني وڃي، ڪالهه ڪراچي ۾ تعليمي سينيمار جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار شاهه وڌيڪ چيو ته وڏي وزير جي ڪميٽي واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو بيان ذاتي موقف آهي.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabad

ملڪ ۾ پاڻي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان دشمنن جون سازشون ناڪام ٿينديون: چيف جسٽس

چترال (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے