19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڇور :  واپارين ۽ شهرين جو  ٽائون آفيسر خلاف احتجاج

Chhor: Protest by workers against owners*ڇور ۾ واپارين ۽ شهرين ڇور جي ٽائون آفيسر خلاف احتجاج ڪيو .

شهرين ۽ واپارين رميش ڪمار،  انيل ڪمار، منور علي ،رياض مھر، اشرف علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب  اڳيان احتجاج  ڪيو .

مظاھري کي خطاب ڪندي شهرين ۽ واپارين ٻڌايو ته گذريل 13 سالن کان مسلسل ڪم ڪندڙ ملازمن کي بنا جواز جي برطرف ڪيو ويو.

هنن چيو ته ملازمن کي بنا ڪنهن سبب جي برطرف ڪرڻ سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ترت ملازمن کي بحال ڪري شهر کي صاف سٿرو رکيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرووڌايو ويندو ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tandojan Muhammad: Family members are behind us after marriage, Need protection: Couple

نيوز: ٽنڊوجان محمد: نڪاح بعد مائٽ سندن ويري بڻجي ويا آهن، تحفظ ڏنو وڃي:جوڙو

*ٽنڊوجان محمد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي دانهيو آهي ته نڪاح بعد مائٽ سندن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے