19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي احتجاج تي گئس اگهن ۾ واڌ ملتوي، لک ٽن ڀاڻ گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ ) اقتصادي رابطا ڪميٽي فوري طور گئس جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ فوري طور گئس جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب اقتصادي رابطا ڪميٽي قيمتن ۾ اضافي لاءِ گائيڊ لائنز طئي ڪري ڇڏيون آهن پر اگهن ۾ اضافي جو آخري فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو. جڏهن ته سنڌ سرڪار گئس اگهه  وڌڻ جي امڪان تي احتجاج ڪيو آهي. ذريعن موجب ڀاڻ جي فيڪٽرين کي 50 سيڪڙو مقامي گئس ۽ 50 سيڪڙو ايل اين جي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايل اين جي ڀاڻ جو 50 سيڪڙو بل ڀاڻ ڪمپنيون ادا ڪنديون جڏهن ته 50 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته  سموريون ڀاڻ فيڪٽريون ڀرپور صلاحيت سان ڀاڻ پيدا ڪنديون جڏهن ته ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ٻاهران گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪميٽي ايل پي جي گئس سلينڊر جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪريڪ ڊائون ڪندي قيمتن کي معمول تي آڻڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان رابطي جي سفارش ڪري ڇڏي، ان حوالي سان حڪومت باقاعده نظام جوڙيندي، سومر ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي سي سي اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، معيشت جي مجموعي صورتحال، گئس جا معاملا ناڻي وارو وزير اسد عمر، پارليامينٽ جي سامهون رکندو. هن ٻڌايو ته اي سي سي آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن وقت ملڪ ۾ ڀاڻ جي ضرورت 5.833 ملين ٽن آهي، گذريل سال 5.862 ملين ٽن يوريا ڀاڻ جي ضرورت هئي، يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ کانپوءِ في ٻوري قيمت 2575 روپيا پوندي، ان ۾ جيڪي اضافي 960 روپيا آهن اهو بار حڪومت برداشت ڪندي. ان سان گڏوگڏ هڪ اهڙو نظام به جوڙيو ويو آهي جيڪو پنهنجي ڀاڻ جا پلانٽس آهن انهن کي به گئس مهيا ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته اي سي سي ۾ گيس جي قيمتن جي تعين جي معاملو جو جائزو به ورتو ويو آهي، 2013.ع ۾ جڏهن ته حڪومت قائم ٿي هئي ته ان وقت گئس جي شعبي ۾ هڪ روپئي جو به خسارو نه هو پر پنجن سالن ۾ 156 ارب روپين جو خسارو ڇڏي وئي آهي جيڪو گهڻو ڪري گئس چوري ٿيڻ سبب آهي، جڏهن شاهد خاقان عباسي خوشخبري ٻڌائي رهيو هو ته جيڪي معاهدا ڪيا آهن ان کانپوءِ هر طرف ساوڪ هوندي پر حقيقت ته اها آهي ته گئس جو شعبو تباهي جو شڪار آهي، شاهد خاقان عباسي ٻڌائي سگهي ته ڪيئن ساوڪ ايندي ته سٺي ڳالهه هوندي. گذريل پنجن سالن دوران گئس چوري ۾ به تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، سڄي ملڪ ۾ 40 سيڪڙو ماڻهو پائيپ لائينن جي ذريعي گئس استعمال ڪري رهيا آهن، وفاق صوبن کي هدايت ڪري ته ايل پي جي گئس سلينڊر جي قيمتن تي اضافو وٺندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي قيمتن کي معمول تي آڻين، ان حوالي سان حڪومت باقاعده نظام به جوڙيندي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي ويزن اهو به آهي ته اسان کي غريب ماڻهن کي زخم ناهي پهچائڻو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه وفاقي وزير اسد عمر سان رابطو ڪيو جنهن ۾ هن گئس اگهن ۾ واڌ تي اعتراض ڪيو. مراد شاهه چيو ته گئس سڀئي صوبا ڏين ٿا. ان جو اگهه وڌائڻ جو فيصلو سي سي آءِ جو اختيار آهي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے