21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڀارت وٽ قيد سنڌ جي مهاڻن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪراچي (رپورٽر )  ڀارت ۾ قيد پاڪستاني مهاڻن جي آزادي لاءِ پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ڪالهه آرٽ ڪائونسل کان پريس ڪلب ڪراچي تائين پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين محمد علي شاهه، صدر گلاب شاهه، طالب ڪڇي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي. احتجاج ۾ ڪراچي، ٺٽو ۽ سجاول ضلعن کان قيدي مهاڻن جي وارث عورتن جن ۾ سندن امڙيون، ونيون ۽ معصوم ٻار شامل هئا سميت مهاڻن ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي محمد علي شاهه چيو ته مهاڻا ازل کان سمنڊ مان مڇي جو شڪار ڪري پيٽ گذر ڪندا رهيا آهن، کين سامونڊي حدن بندين جي آڙ ۾ گرفتار ڪري قيد ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته هن وقت 150 کان وڌيڪ پاڪستاني مهاڻا ڀارتي بندي خانن ۾ بيگناهه واڙيل آهن، جن ۾ ريڙهي ڳوٺ ڪراچي سان تعلق رکندڙ 3 مهاڻا پڻ شامل آهن جن کي قيد ڪاٽيندي 19 سال گذري چڪا آهن، پر سندن آزادي جي اڃا ڪا به خبر ناهي. هن ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي جيلن ۾ قيد سمورن مهاڻن کي انساني حقن جي بنياد تي آزاد ڪري سمنڊ مان آزاداڻي طور روزگار ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي نور محمد ٿيهمور ۽ گلاب شاهه چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي مهاڻن جو تعلق انڊس ڊيلٽا جي علائقي سان آهي، اسان جا مهاڻا مڇيءَ جي ڳولا ۾ سمنڊ ۾ نڪرن ٿا ۽ سامونڊي حد بنديون نه هئڻ ڪري ڀارتي سيڪيورٽي اهلڪار اوچتو پاڪساني حدن ۾ داخل ٿي مهاڻن کي گرفتار ڪريو وٺن، جنهن سان غريب مهاڻن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور رهن ٿا. هن پڻ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته روزگار جي ڳولا ۾ سمنڊ ويندڙ مهاڻن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪري بندي خانن ۾ واڙيل سمورن مهاڻن کي آزاد ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے