21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڌم، شهري 825 گاڏين ۽ 26 هزار موٽر سائيڪل کان محروم، 20 هزار موبائل فون ڦر

ڪراچي ( رپورٽ علي وقار ) ڪراچي ۾ گاڏين جي چوري ۽ ڦر جي وارداتن کي روڪڻ توڙي گرفتار ڪرڻ پوليس جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي. هلندڙ سال جنوري کان جولاءِ تائين ڪراچي جي مختلف علائقن  مان 825 گاڏيون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون،سي پي ايل سي جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال ڪراچي مان 26 هزار کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، پوليس ۽ اي سي ايل سي صرف 3401 موٽر سائيڪلون واپس ڪرائي سگهي، باقي جو ڪوبه ڏس پتو ناهي، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ هلندڙ سال شهرين کان 20 هزار موبائل فون سيٽ ڦر ڪيا ويا، جن مان صرف 791 واپس ڪرائي مالڪن کي ڏنا ويا، سنڌ حڪومت پاران گاڏين جي چوري، ڦر روڪڻ لاءِ موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪر سسٽم ۽ چوري جي موبائل فونن جي غيرقانوني وڪري کي روڪڻ لاءِ موبائل دڪاندارن سان گڏجي هڪ سافٽ ويئر تيار ڪرڻ جون تجويزون پيش ڪيون ويون، جن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، هلندڙ سال ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم توڙي ذاتي دشمني سبب 200 کان وڌيڪ ماڻهو قتل جڏهن ته اڍائي سئو زخمي ٿيا، هلندڙ سال ڀتي خوري جون 33 وارداتون رپورٽ ڪيون ويون، جڏهن ته بينڪ ڦر جون 5 واداتون ٿي چڪيون آهن. ڪراچي ۾ سرڪاري گاڏين جي ڦر وارداتن کي روڪڻ لاءِ ڦر ڪيسن ۾ ضمانت تي آزاد جوابدارن ۽ جيل ۾ قيدين کان به جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شهر ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جي رستن تي چيڪنگ جي عمل کي سخت ڪيو ويندو. ڊي آءِ جي سي آءِ اي امين يوسف جي صدارت هيٺ اي سي ايل سي آفيس ۾ هڪ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اي سي اي سي، سي پي ايل سي ۽ سي آءِ اي جا عملدار شهريڪ ٿيا، ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيل جي قيدين کان به جاچ ڪئي ويندي، جڏهن ته ضمانت تي آزاد جوابدارن ۽ جيل ۾ ملاقات لاءِ ايندڙن کي پڻ جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو، جيل ۾ جن قيدين کان جاچ ڪئي ويندي، انهن ۾ امان الله، غلام ياسين ڀيو ۽ فاروق احمد شامل آهن، جڏهن ضمانت تي آزاد حاجي پاڪستاني، ممتاز ڀيو ۽ اڪبر ڀيو تي به سرڪاري گاڏيون ڦر ڪرڻ جو الزام آهي.0630

ڪراچي ۾ سرڪاري گاڏيون ڦر ڪرڻ ۾ 2 ٽولا ملوث قرار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ سرڪاري گاڏيون ڦر ڪرڻ وارن واقعن جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جاچ عملدارن چيو آهي ته گاڏيون ڦر ڪرڻ بعد ٻه کان ٽي ڏينهن تائين شهر ۾ رکيون وينديون آهن جاچ عملدارن چيو ته ڪراچي ۾ گاڏيون ڦرڻ وارن واقعن۾ 2 ٽولا ملوث آهن، انهن ٻن ٽولن مان هڪ جو واسطو خيرپور ضلعي سان آهي ، جاچ عملدارن جو چوڻ آهي ته گاڏيون ڦرڻ لاءِ مقامي ڏوهاري کين مدد فراهم ڪن ٿا ، جوابدارن جا ساٿي ماضي ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٽريفڪ پوليس چيڪنگ بهاني رڳو کيسو گرم ڪرڻ ۾ پوري

ڪراچي: ڪراچي ۾ پوليس توڙي ٽريفڪ پوليس به شهرين کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، ٽريفڪ پوليس ۽ سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪيل نون ۽ رنگروٽن کي بالا آفيسرن شهرين جا کيسا خالي ڪرڻ جي ٽريننگ ڏئي ڇڏي آهي، هر علائقي جي هر گهٽي توڙي روڊ تي پوليس شهرين کي اسنيپ چيڪنگ بهاني روڪي انهن جا کيسا خالي ڪري ڇڏي ٿي، اهڙي نموني ٽريفڪ پوليس ۾ نوان ڀرتي ڪيل اهلڪار به شهرين کي ڦر ڪرڻ جا ماهر ٿي ويا آهن، اڪثر ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار شهرين کي مارڪٽ به ڪن ٿا ۽ شهر جي اهم شاهراهن ۽ روڊن تي ٽريفڪ پوليس بيٺل هجي ٿي، جتي شهرين کي روڪي انهن کان هزارين رپيا ورتا وڃن ٿا، ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي به ان حوالي سان شهرين موبائل فون ذريعي رڪارڊنگ جا ثبوت ڏنا پر ڪرپٽ اهلڪارن خلاف ڪجهه به ٿيو،

ڦرجي ويل شهرين کان رپورٽ داخل ڪرڻ لاءِ به پئسا ورتا وڃن ٿا

ڪراچي: ڦرجي ويل شهرين سان سڀ کان وڏي پريشاني اها آهي ته ٿاڻن تي پوليس ڦرجي ويلن کان به پئسا وٺي ڇڏي ٿي، اڪثر شهرين اها شڪايت ڪئي، انهن کان ڦورو موبائل فون ۽ رقم ڦر ڪري وڃن ٿا پر جڏهن اسان ٿاڻي تي وڃون ٿا ته پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ کان ٽال مٽول ڪري ٿي  آخر ۾ ڪجهه پئسا ڏئي رپورٽ داخل ڪرايون ٿا،

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے