20 خميس , سيپٽمبر 2018

شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا محرم الحرام دوران حساس قرار، سڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه محرم الحرام دوران  مذهبي هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي جا سخت حفاظتي انتظام  ڪرڻ ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن پاران صوبي ۾ فرقيوراڻي هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار سبب ڪنهن به  ناخوشگوار واقعي جو ڪو امڪان نه آهي، ان باوجود حڪومت ضابطا اخلاق تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي. هن اها ڳالهه ڪالهه امن امان ۽ سڪيورٽي انتظامن بابت هڪ اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ ميجر (ر) اعظم سليمان، وڏي وزير جوپرنسپل سيڪيرٽري سهيل راجپوت، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وڊيو ڪانفرنس ذريعي صوبي جا سمورا ڊي آءِ جيز ۽ ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ نٽيليجنس ادارن جا سربراهه ۽ لاڳاپيل عملدارن شريڪ هئا. گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير اجلاس کي بريفنگ ڏني، وڏي وزير ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته امن ۽ فرقيوراڻي هم آهنگي کي يقيني بڻايو وڃي. گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته سڀني ڊي آءِ جيز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي چاليهي تائين ناليوارين شخصيتن کي تمام ضروري سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. اجلاس کي ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ برينفگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 1996 امام بارگاهون، 14699 مجلسون، 3513 ماتمي جلوس، 786 تعزيتي مجلسون ٿينديون آهن، انهن ۾ 11 تمام حساس آهن، 312 حساس ۽ 463 نارمل آهن. جن لاءِ ڪراچي ۾ 17558، حيدرآباد ۾ 16816، ميرپورخاص ۾ 2237، شهيد بينظير آباد ۾ 9280، سکر ۾ 8253، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 15401 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. سموري صوبي ۾ 69545 فورس مقرر ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته سڀني شهرن ۾ محرم الحرام جي جلوسن جي نگراني سي سي ٽي وي ۽ ڊرون ڪئميرائن ذريعي ڪئي ويندي. ان سان گڏوگڏ سڄي صوبي ۾ رينجرز جا تقريبن ست هزار اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويندا. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هُو عام چونڊن دوران پولنگ اسٽيشن جي مانيٽرنگ لاءِ خريد ڪيل سي سي ٽي وي ڪئميرا استعمال ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان اهي سي سي ٽي وي ڪئميرا انهن هنڌن تي جتي انهن جي ضرورت آهي استعمال ڪري سگهون ٿا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 8، 9 ۽ 10 محرم  الحرام جي جلوسن 184 سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي نگراني ڪئي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير بلديات سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هُو لاڳاپيل لوڪل باڊيز کي متحرڪ ڪري ته اهي مجلسن ۽ جلوسن جي روٽس وارن روڊن جي مرمت وارو ڪم، ڪچرو هٽائڻ وارو ڪم فوري طور تي ڪيو وڃي. هن عام صفائي ۽ مين هولز جا ڍڪڻ ۽ فائر ٽينڊز ۽ ڪچرو کڻندڙن برائوز جي دستيابي کي به يقيني بڻايو وڃي. ضابطا اخلاق تحت ڪنهن به فرقي يا مقدس هستي تي تنقيد جي اجازت نه هوندي. پوليس ناليوارن مقررن جون تقريرون کي رڪارڊ ڪندي. پبلڪ هنڌن تي سياسي، فرقيوراڻا جهنڊا، بينرز لڳائڻ تي پابندي هوندي. هٿيار کڻڻ پابندي هوندي ۽ غلط عنصرن سميت شيڊول فور تي سخت نگاهه رکي ويندي ۽ لائوڊ اسپيڪر جي محدود استعمال جي اجازت هوندي. وڏي وزير چيو ته جيڪب آباد ۽ شڪارپور حساس ضلعا آهن انهن جي سڪيورٽي بهتر ٿيڻ گهرجي. جنهن تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ٻڌايو ته سنڌ-بلوچستان سرحد تي 16 بارڊر پهريدار آهن. جتي چڪاس وڌائي وئي آهي. وڏي وزير اينٽي اينڪروچمينٽ فورس کي به محرم جي سڪيورٽي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڪيو. سنڌ جي وڏي وزيرن صوبائي وزير سعيد غني، سيد ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي جيڪا ضابطا اخلاق تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ عالمن سان اجلاس منعقد ڪندي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس کي اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ واضح هدايت ڏني. پوليس وڏي وزير کي ٻڌايو ته انهن اسٽريٽ ڪرمنلز، ڪار لفٽرز ۽ ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس بيس آپريشن شروع ڪيو آهي. پوليس عملدارن وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان آپريشن جا بهتر نتيجا سامهون ايندا.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے