26 اربع , سيپٽمبر 2018

حڪومت جو سي پيڪ تي نظرثاني لاءِ غور، راهداري بابت فيصلو پاڪستان جي ضرورت موجب ٿيندو: چين

بيجنگ(م ڊ) چين چيو آهي ته سي پيڪ تحت ٺهندڙ سمورن منصوبن سان پاڪستان جي عوام کي برابر فائدو پهچندو ۽ عام ماڻهوءَ کي ان جا واضح ۽ هاڪاري فائدا ملندا. وانگ يي جي دؤري جو بنيادي مقصد پاڪستان جي حڪومت سان جامع ڳالهيون، مختلف شعبن ۾ جامع سهڪار ۽ نئين صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ هو. سياسي طور ٻئي ملڪ گڏيل اسٽريٽجڪ اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. اهي ڳالهيون چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سومر ڏينهن بيجنگ ۾ معمول واري پريس بريفنگ ۾ ٻُڌائي. هن چيو ته سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ ٻنهي ملڪن ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان جا فائدا واضح طور تي جٽادار آهن، پاڪستان ۽ چين پُراڻا اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستيءَ جو اظهار نه رڳو سياسي پر اقتصادي سهڪار جي سمورن شعبن تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته چيني اسٽيٽ قائونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي پاڪستان جي دؤري دوران ٻنهي ملڪن اقتصادي راهداري جي تعمير واري ڪم تي رفتار تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين پُراڻا اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا سياسي پارٽين ۽ حڪومتن جي تبديليءَ کان مٿانهان آهن. پاڪستان ۽ چين جا ناتا عالمي حالتن ۽ وقت جي آزمائش تي پورا لهندڙ آهن، انهن لاڳاپن جو بنياد ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ آهي.0330

اسلام آباد (م ڊ) برطانوي رسالي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان حڪومت چين سان اقتصادي رٿاتي نظرثاني لاءِ غور پئي ڪري، جڏهن ته چين چيو آهي ته سي پيڪ تي فيصلو پاڪستان جي ضرورتن موجب ٿيندو. برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز موجب پاڪستاني حڪومت چين سان ٿيل سي پيڪ ٺاهن تي ٻيهر غور ڪندي ۽ نئين سر شرط طئي ڪيا ويندا. برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني حڪومت چين سان سي پيڪ ٺاهن تي نظرثاني ڪندي جنهن ۾ قرض جي ادائيگي ۽ منصوبن جو مدو وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو  جڏهن ته چين ٺاهن تي ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. فنانشل ٽائيمز موجب وزيراعظم عمران خان اقتصادي ڪائونسل کي سي پيڪ رٿائن جي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن ادائيگين جا تفصيل معلوم ٿي سگهن.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  پاڪستان معاشي عدم استحڪام باوجود عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو جڏهن ته ناڻي واري وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ بدران چين ۽ سعودي عرب سان ڳالهيون ڪيون وينديون. برطانوي اخبار کي انٽرويو ڏيندي صنعت ۽ واپار واري وزير عبدالرزاق دائود چيو ته سي پيڪ ٺاهن تي پاڪستاني ڪمپنين کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ چيني ڪمپنيون ناجائز فائدو حاصل ڪري رهيون آهن تنهن ڪري سي پيڪ منصوبن کي هڪ سال لاءِ روڪڻ گهرجي.  هن چيو ته  گذريل حڪومت سي پيڪ ٺاهن ۾ چين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستاني معيشت خلاف فيصلا ڪيا جنهن بعد چيني ڪمپنين کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان لاءِ بهتر نه ٿو ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ تي نظرثاني جو مقصد پاڪستاني ڪمپنين کي خساري کان محفوظ رکڻ آهي. ٻئي طرف ترديد ڪندي وزيراعظم جي واپار، ٽيڪسٽائيل، صنعت ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود واضح ڪيو آهي ته چيني پرڏيهي وزير وانگ زي جي تازي دوري دوران پاڪستان خاطري ڪرائي آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه حڪومت جي قومي ترجيح آهي ۽ سي پيڪ جي حوالي سان حڪومت جو عزم پختو آهي، سي پيڪ جي اڳتي جي رخ بابت ٻنهي طرفن جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي موجود آهي. هن اها ڳالهه فنانشل ٽائيمز ۾ گذريل ڏينهن شايع ٿيندڙ هڪ مضمون جي ترديد ڪندي چئي آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته اهو نيوز آرٽيڪل حقيقتن جي ابتڙ ورتل بيانن تي ٻڌل آهي. واپار واري وزارت پاران سومر ڏينهن جاري بيان ۾ عبدالرزاق دائود چيو ته پاڪستان ان مضمون خاص طور تي ان جي عنوان پاڪستان چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي ۾ پنهنجي ڪردار تي نئين سر غور ڪري رهيو آهي کي رد ڪري ٿو. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ساڻس منسوب ڪيل بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي ۽ ان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. عبدالرزاق دائود چيو ته پاڪ چين لاڳاپا فتح نه ٿيڻ جوڳا آهن ۽ سي پيڪ جي حوالي سان حڪومت جو عزم پختو آهي. هن واضح ڪيو ته چيني پرڏيهي وزير جي تازي دوري دوران ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار ترقي ڪندڙ معاون حصيداري کي ورجايو ويو ۽ سي پيڪ جي حوالي سان پنهنجي عزم جو نئين سر اظهار ڪيو. هن هن چيو ته چين پاران ٻنهي طرفن جي لاءِ سي پيڪ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. عبدالرزاق دائود چيو ته سي پيڪ جي اڳتي جي رخ بابت ٻنهي طرفن جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي موجود آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ۾ وڌيڪ 334 ڄڻا ۽ 210 ڪمپنيون ملوث، انور مجيد جيل اماڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ ڪميٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے