25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ميڊيا سان گڏجي ڪم ڪنداسين، حڪومتي ڪارڪردگي نمايان ڪئي وڃي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات  قانون ۽ اينٽي ڪرپش واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي اخبارن ۽ چئنلن جي ذريعي نمايان ڪيو وڃي. اسان ميڊيا سان گڏجي ڪم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ آرڪائيوز جي تعارفي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري، ڊي جي ڊائريڪٽرز ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي بريفنگ ڏني. جڏهن ته اجلاس ۾ کاتي جي پريس انفارميشن، اشتهارن، ميڊيا سيل ۽ سمورن ادارن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. مرتضيٰ وهاب ڪارڪردگي ۾ بهتري بابت چيو ته 15 ڏينهن بعد کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي هن چيو ته  پبلڪ رليشن آفيسر پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ڪن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر آرڪائيوز عليم لاشاري، صوبائي صلاحڪار کي بريفنگ ڏني. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب آرڪائيوز کاتي جي سمورن پراڻن مئگزينن، اخبارن ۽ اهم دستاويزن جي ضروري ڊيٽا کي اپ ڊيٽ ڪرڻ ۽ ان کي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جا حڪم ڏيندي چيو ته پراڻيون اخبارون، رسالا ۽ سموري مواد جي لسٽ تاريخ سان اپ ڊيٽ ڪئي وڃي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ-ڀارت جنگ جو سوچڻ به بيوقوفي آهي، ن ليگ حڪومت ۾ شامل سڀ جيل ويندا: فواد چوڌري

اسلام آباد ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے