19 اربع , سيپٽمبر 2018

چونڊ عملي جي گهٽ علمي آر ٽي ايس جي ناڪامي قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) جي ناڪاميءَ جا سبب سامهون اچي ويا آهن ۽ نادرا طرفان اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آر ٽي ايس جي ناڪامي جا مختلف سبب هئا. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آر ٽي ايس 25 جولاءِ تي صحيح ڪم ڪري رهيو هو ۽ شام 6 وڳي کان 27 جولاءِ جي شام 4 وڳي تائين آر ٽي ايس ذريعي نتيجن جي وصولي جو عمل جاري رهيو پر چونڊ عملي کي ان جي استعمال ۾ مهارت جي کوٽ رنڊڪ جو سبب بڻي. رپورٽ موجب ٿري جي انٽرنيٽ جي عدم موجودگي آر ٽي ايس جي ناڪامي جو وڏو سبب بڻي، ڇو ته ڪيترن ئي پريزائيڊنگ ۽ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسرن وٽ سمارٽ فونز ئي موجود نه هيون ۽ ڪيترائي ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ مهارت نه رکندڙ هئا، جڏهن ته سسٽم ۾ ڊيٽا فيڊ ڪرڻ جو اختيار رڳو انهن وٽ هو. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پريزائيڊنگ آفيسرن جي سمارٽ فونز ۾ گهٽ علمي، موبائل چارنگ مسئلن ۽ ڊيٽا پيڪيج نه هجڻ سبب نتيجا آر ٽي ايس ذريعي نه پهچي سگهيا، اهڙي ريت اليڪشن ڪميشن جو رات 2 وڳي کان اڳ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن جو دٻاءُ به ناڪامي جو سبب بڻيل رهيو، ڇو ته رات 2 وڳي جي ڊيڊ لائن لاءِ اليڪشن ڪميشن آر ٽي ايس کي باءِ پاس ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے