19 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ريلويز سي پيڪ جي ڪرنگهي جي هڏي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ريلويز سي پيڪ جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد پنهنجي خاص ويڊيو پيغام ۾ ڪيو. شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ريلويز ۾ 10 ڏينهن ۾ انقلابي تبديليون آڻينداسين. شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته پاڪستان ريلويز سي پيڪ جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، پر بدقسمتي سان ماضي ۾ ريلوي ۾ سي پيڪ بابت ڪو به ڪم ناهي ٿيو. هن چيو ته سي پيڪ منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جو ارادو رکون ٿا. ڪراچي کان پشاور ريلوي ٽريڪ اپ گريڊ ڪنداسين. هن چيو ته تفتان تائين 700 ڪلو ميٽر نئين ريلوي ٽريڪ وڇائينداسين، گوادر کان ڪوئيٽا ريلوي جي حالت بهتر بڻائي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ريلوي عوام جي ريل آهي، ملڪي واپاري ماڻهن لاءِ نيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے