20 خميس , سيپٽمبر 2018

ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي لاءِ هڪ جهڙو تعليمي نظام هوندو: تعليم وارو وفاقي وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ تعليمي پاليسي جوڙينداسين ۽ ملڪ ۾ امير ۽ غريب جي لاءِ هڪ جهڙو تعليمي نظام هوندو. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان جو تعليم بابت ڪيئر ويزن آهي ۽ حڪومت تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ بندوبست ڪري رهي آهي.  هن چيو ته اڄ نيشنل ٽاسڪ فورس فار ايجوڪيشن جو اجلاس ٿيو جنهن تعليمي نظام ۾ بهتري لاءِ 4 سب ڪميٽيون بڻايون آهن. هن چيو ته 90 ڏينهن ۾ تعليمي پاليسي ڏني ويندي ۽ غريب ۽ امير جي لاءِ هڪ جهڙو تعليمي نظام هوندو. شفقت محمود مسلم ليگ ن جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اڳوڻي پنجاب حڪومت ادارن کي تباهه ڪيو، اسڪل ڊيولپمينٽ جا موقعا سڀني کي ڏنا ويندا. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان کي ايندڙ مهيني تعليمي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

US blamed Russia and China for the help of nuclear weapons program

اترڪوريا جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام ۾ مدد جو  الزام،آمريڪا روس ۽ چين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

واشنگٽن/سيئول( ويب ڊيسڪ ) اتر ڪوريا جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام جي مدد ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے