22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

گم ٿيل ماڻهن واري ڪميشن جي ڪارڪردگي، هلندڙ سال 21 آگسٽ تائين 3519 ڄڻا بازياب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن 3519 ڪيسن کي ڪميشن جي صدر جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال کي ذاتي ڪوششن سان 31 آگسٽ 2018 تائين اُڪلائي ڇڏيو آهي. گم ٿيل ماڻهن جي انڪوائري بابت ڪميشن کي 31 جولاءِ 2018ع تائين ڪل 5290 ڪيس مليا آهن، آگسٽ 2018 دوران وڌيڪ 59 ڪيس ڪميشن کي ملڻ بعد ڪيسن جو گڏيل انگ 5349 ٿي ويو آهي. گم ٿيل ماڻهن جي انڪوائري بابت ڪميشن 2018ع دوران گڏيل طور تي 485 ٻڌڻيون ڪيون جنهن مان 240 اسلام آباد، 180 ڪراچي ۽ 180 لاهور ۾ ٻڌڻيون ڪيون. گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن جي صدر جي حيثيت سان جسٽس جاويد اقبال جي ذاتي ڪوششن کي ساراهيو ويو آهي جنهن جي ڪري ڪميشن هلندڙ سال 21 آگسٽ 2018ع تائين 3519 گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو ۽ سندن گهرن تائين حفاظت سان واپسي کي يقيني بڻايو. جسٽس جاويد اقبال گم ٿيل ماڻهن جي انڪوائري ڪميشن جي صدر جي حيثيت سان هفتي ۾ 7 ڏينهن بنا ڪنهن موڪل ۽ بنا معاوضي پنهنجا فرض سر انجام ڏنا. هو نه رڳو گم ٿيل ماڻهن جي هر خاندان کي ذاتي حيثيت سان ٻڌندو هو پر سندس ڪوشش هوندي هئي ته ان جي جلد بازيابي ممڪن هجي. گم ٿيل ماڻهن جي انڪوائري ڪميشن جي صدر جسٽس جاويد اقبال جي ڪوششن جون اعتراف گم ٿيل ماڻهن جا وارث ڪندا آهن.  گم ٿيل ماڻهن جي انڪوائري واري ڪميشن جي صدر جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال ۽ ڪميشن جي ٻين ميمبرن جي شاندار ڪارڪردگي جي ڪري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان به گم ٿيل ماڻهن جا 300 ڪيس بازيابي جي لاءِ ڪميشن ڏانهن موڪليا. جاويد اقبال ايبٽ آباد انڪوائري ڪميشن جي صدر جي حيثيت سان حڪومت کي 61 لک رپيا موٽايا ۽ قومي سانحي جي جاچ جي عيوض هڪ پائي به وصول نه ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے