25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف 13 دهشتگرد جي موت جي سزا جي منظوري ڇڏي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 13 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب سزا ملندڙ دهشتگردن ۾ منير الرحمان، محمد بشير، حافظ عبدالله، بخت الله خان، محمد سهيل خان، دائود شاهه، محمد منير، حبيب الله،  محمد آصف، گل شاهه، جلال حسين ۽ علي شير شامل آهن. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سمورا دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ جي اهلڪارن، تعليمي ادارا تباهه ڪرڻ ۽ بي گناهه شهرين کي قتل ڪرڻ سميت دهشتگردي جي سنگين وارداتن ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد 202 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث هئا، هنن 151 عام شهرين ۽ آرمڊ فورسز سميت قانون لاڳو ڪندڙ دارن جي 51 اهلڪارن کي قتل ڪيو جڏهن ته انهن جي حملن ۾ 249 سيڪيورٽي اهلڪا زخمي به ٿيا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ٿيو، دهشتگردن جوڊيشل مجسٽريٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ جي اڳيان پنهنجن ڏوهن جو اعتراف ڪيو ۽ کين فوجي عدالتن مان سزا ملي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے