24 سومر , سيپٽمبر 2018

شريف خاندان جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي، خواجا حارث دليل ڏيندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. خواجا حارث سڀاڻي سزا معطلي جي درخواستن تي دليل ڏيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ماڻيندڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ تي ٻڌل جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف طرفان خواجا حارث ۽ نيب طرفان ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي پيش ٿيا. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ريفرنسز جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ 6 هفتن جو وقت ڏنو ويو، احتساب عدالت سان گڏ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿي سگهندس، اپيلن جو معاملو ڊگهو آهي، قانوني پهلو ڏسڻا پوندا، هن درخواست ڪئي ته سزا معطلي جي درخواستن کي اڳ ٻڌو وڃي. عدالت چيو ته درخواستن جي معاملي تي تفصيلي دليل ٿي چڪا آهن، اسان سزا معطلي جي درخواستن تي ميرٽ تي ڳالهه نٿا ڪري سگهون، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي احتساب عدالت ۾ پيشي کانسواءِ رستو ناهي، ريفرنسز جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته نيب جو ان حوالي سان ڪهڙو موقف آهي، سزا معطلي جون درخواستون هڪ مهيني کان اڳ نه ٻڌجي پئي سگهيون، خواجا حارث کان سزا معطلي تي وڌيڪ رهنمائي گهرجي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب وڌيڪ چيو ته خواجا حارث جا گذريل دليل ڪيس جي ميرٽ تي هئا، کيس موقعو ڏيون ٿا ته ميرٽ تي ڳالهائڻ بنا مطمئن ڪري، نيب پراسيڪيوشن اربع ڏينهن پيش ٿي دليل ڏئي. نيب پراسيڪيوٽر اپيل ڪئي ته هڪ هفتي لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته سومر ڏينهن جيڪڏهن پراسيڪيوشن وقت گهريو ته اسان فيصلو ڏئي ڇڏينداسين، ڌريون لکت ۾ به جواب جمع ڪرائين ۽ خواجا حارث سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏئي. عدالت اڪرم قريشي کان سندس راءِ گهرندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے