24 سومر , سيپٽمبر 2018

سي پيڪ منصوبي لاءِ پاڪستان جو عزم پڪو پختو آهي: عبدالرزاق دائود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صنعت ۽ واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪ – چين اقتصادي راهداري منصوبي بابت برطانوي اخبار جي خبر رد ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ لاءِ پاڪستان جو عزم پڪو پختو آهي. عبدالرزاق دائود برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو بابت وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته سي پيڪ منصوبي جي حوالي سان تازي انٽرويو جا ڪجهه حصا حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته چيني پرڏيهي وزير جي دوري ۾ اسٽريٽيجڪ سهڪار جاري رکڻ ۽ سي پيڪ منصوبن کي پورو ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو ۽ ان منصوبي جي حوالي سان پاڪستان جو عزم پڪو پختو آهي. عبدالرزاق دائود چيو ته چين کي آگاهه ڪيو ويو ته سي پيڪ اسان جي قومي ترجيح آهي، جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير وانگ زي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ان منصوبي جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪ – چين لاڳاپا اڻٽٽ آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ راهداري منصوبي جي مستقبل بابت مڪمل هم آهنگي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے