23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سي پيڪ منصوبي تي رفتار وڌائڻ جي اتفاق

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي راهداري منصوبي جي رفتار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. چيني پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي مستقبل ۽ سهڪار جي ڳولا ڳالهين سان ڪئي ويندي ۽ ان منصوبي تي ڳالهيون پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترجيحن تي ٿينديون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته پرڏيهي وزير وانگ زي جي پاڪستان جي دوري جو مقصد روايتي دوستي بابت آهي. چيني پرڏيهي وزارت موجب چين قومي مفادن جي موجب دهشتگردي جي جنگ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو رهيو آهي. ٻنهي ملڪن دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌيڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے