20 خميس , سيپٽمبر 2018

50 لک گهر منصوبو: وزيراعظم پاران ٻن هفتن ۾ حتمي سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت

50 Lakh Home: Guidelines to present final recommendations in the two weeksاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان 50 لک گهر منصوبي تي ڪيمٽي کي ايندڙ ٻن هفتن ۾ حتمي سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٽ سڄي ملڪ ۾ 50 لک گهرن جي اسڪيم سان لاڳاپيل جائزي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي هائوسنگ سيڪريٽري گهرن جي سالياني  گهرج ۽ هائوسنگ سيڪٽر ۾ قلت تي بريفنگ ڏني جڏهن  ته سيڪريٽري خانگي شعبي کي 50 لک گهر منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ جي قانوني طريقڪار تي پڻ بريف ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهڙو منصوبو ٺاهيو جو 50 لک گهر عام ماڻهو جي هر ضرورت پوري ڪري سگهن،  50 لک گهرن جي تعمير پي ٽي آءِ حڪومت جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي، حڪومت بي گهر ماڻهن کي گهر ڏيڻ واري وعدو کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته 50 لک گهر منصوبي سان لکين بيروزگار ماڻهن کي نوڪريون ملنديون، ان اسڪيم سان هائوسنگ سڪيٽر سان لاڳاپيل صنعتن کي ترقي ملندي. عمران خان وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري زمين ۽ گيسٽ هائوس مان بهترين مالي وسيلا ملي سگهن ٿا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان جي ذاتي طور پاڻ گهرن جي تعيمراتي پروگرام جي اونرشپ وٺندو جڏهن ته وزيراعظم ڪميٽي کي ايندڙ ٻن هفتن ۾ حمتي سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے