23 آچر , سيپٽمبر 2018

اسان خود غرض آهيون سرحدن جي حفاطت ڪندا آهيون، مسئلا حل ناهيون ڪندا: ارجن ڪپور

We appreciate self-reliant borders, will not solve the problems: Arjun Kapoorممبئي( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ادڪار ارجن ڪپور اڄ ڪلهه پنهنجي ڪيريئر جي سڀ کان بهترين دور مان گذري رهيو آهي، تمام جلد هو” نمستي  انگلينڊ“ ۽ انڊيا موسٽ وانٽڊ“ نالي فلمن ۾ ڪم ڪندي نظر ايندو. فلم انڊيا موسٽ ۾ ارجن ڪپور ڳجهي اداري جي آفيسر جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو. ان فلم جي حوالي سان ارجن ڪپور جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ تي منفي شيون تمام گهڻي تيزي سان وائرل ٿينديون آهن، اسان لاپرواهه آهيون، پنهنجي سرحدن جي حفاظت ته ڪندا آهيون پر مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ناهيون ڪندا. ياد رهي ته ارجن ڪپور جي فلم نمستي انگلينڊ اڪشي ڪمار جي ڪامياب فلم نمستي لنڊن جو سيڪوئل آهي. اڪشي ڪمار ۽ ڪترينا ڪيف جي جوڙي تي ٻڌل فلم نمستي لنڊن 2007 ۾ ريليز ٿي هئي. پنهنجي ٻي فلم نمستي انگلينڊ جي حوالي سان اداڪار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان کي نمستي لنڊن پسند آئي هئي ته يقينن هي فلم به پسند ايندي، هن فلم جي رومانوي ڪهاڻي منفرد آهي. ان فلم ۾ ارجن ڪپور پرينيتي چوپڙا سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندو، ارجن ڪپور ۽ پرينيتي چوپڙا آخري ڀيرو 2012 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم عشق زادي ۾ گڏ ڪم ڪيو هو، ارجن ڪپور چيو آهي ته انهن 6 ورهين جي عرصي ۾ سندس ۽ پرينيتي چوپڙا جي وچ ۾ ڪجهه به تبديل ناهي ٿيو. ياد رهي ته  فلم نستي انگلينڊ هلندڙ سال 19 آڪٽوبر تي ريليز ڪئي ويندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے