20 خميس , سيپٽمبر 2018

امپائر سان غيراخلاقي رويو اختيار ڪرڻ تي سرينا وليمز تي 17 هزار ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪيو: يوايس اوپن انتظاميا

Impressing 17,000 dollars a penalty on Serena Williams on Imperial Rio Authorization: Empires Open Managementنيويارڪ( اسپورٽس نيوز ) آمريڪي اسٽار ٽينس سرينا وليمز تي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ امپائر سان اڻ وڻندڙ رويو اختيار ڪرڻ تي 17 هزار ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي ٽينس ايسوسي ايشن چيو آهي ته فائينل ۾ شڪست کاڌل سرينا وليمز تي آمريڪي اوپن ٽورنامنٽ جي فائينل ۾ دوران راند جي قانون جي ٽن قلمن جي ڀڃڪڙي تي گڏيل طور تي 17 هزار ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار سرينا وليمز تي ڏنڊ يو ايس اوپن(ٽينس) جي اتنظاميا فائينل ميچ ۾ مخالف رانديگرياڻي کي پوائينٽ ڏيڻ واري فيصلي تي سخت احتجاج ڪرڻ ۽ امپائر سان بدتميزي تي لاڳو ڪيو . مخالف جاپاني رانديگرياڻي واڌو پوائينٽ سبب فائينل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. واضح رهي ته سرينا وليمز آمريڪي ٽينس ٽورنامنٽ جي فائينل ۾ امپائر کي ڪاوڙ ۾ چور ۽ ڪوڙو چئي صنفي متڀيد جو الزام لڳايو هو جڏهن ته راند جي ٻئي سيٽ ۾ هن پنهنجي پنهنجي ريڪٽ کي زور سان زمين تي وهائي ڪڍيو جنهن سبب ريڪٽ ٽٽي پيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے