22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڀارت ۾ امتيازي سلوڪ ڪرڻ  تي مودي سرڪار خلاف مسلمان شهري سراپا احتجاج

To bolster privileges in India, Muslim government protests against the Modi governmentپوني( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست مهارشٽرا ۾ سرڪاري نوڪرين ۽ تعليم لاءِ  مخصوص ڪوٽا ۾ عمل نه ٿيڻ، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ زمينن تي قبضي خلاف ڀارتي مسلمانن احتجاجي ريلي ڪڍي. ڀارتي  ميڊيا جي رپورٽن موجب مهارشٽرا جي شهر پوني ۾ هزارين مسلمانن مودي سرڪار پاران مسلمانن سان امتيازي سلوڪ رکڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ مطالبن سان لکيل پلي ڪارڊ کنيل هئا. احتجاج ڪندڙن شهر جي مرڪزي شاهراهن کي جام ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته مسلمانن شاگردن کي اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا ناهي ڏني ويندي جڏهن ته مسلمانن لاءِ سرڪاري ملازمت لاءِ مخصوص ڪوٽا ۾ راتاها هنيا پيا وڃن. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڳئون جي حفاظت جي نالي تي مسلمانن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي جنهن لاءِ  انتها پسندن هٿان معصومن جي قتل سان لاڳاپيل سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته گئون ماتا جي حفاظت جي نالي تي مسلمانن کي قتل ڪرڻ هندو جنونين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي ۽ مسلمانن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو.مودي سرڪار جي دور ۾ وقف بورڊ مسلمانن جي زمينون کسي ورتيون آهن. غيرقانوني طريقي سان کيسل مسلمانن جي زمينن پڻ واپس ڏياريون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے