21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: هالاڻي: سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي شاگردياڻي فرزانه کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

Halani: Protest for the justice for Farzana Jamali*هالاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي شهيد بينظير يونيورسٽي ۾ سنڌ جي نياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو .

ساس جي ڪوٺ تي شريف سومرو ، قادر بخش پريم، طارق سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

اڳواڻن چيو ته سنڌ جا تعليمي ادارا سنڌ جي نياڻين لاءِ  محفوظ ناهن رهيا

هنن چيو ته هٿ وٺي تعليمي ادارن ۾ نااهل ماڻهن  کي اهم عهدن تي ويهاري سنڌي قوم سان زيادتي ڪئي پئي وڃي

هنن وڌيڪ چيو ته وي سي ارشد سليم نااهل وي سي آهي جيڪو اهم عهدي تي هوندي سنڌي نياڻين کي بليڪ ميل ڪري ٿو.

اڳواڻن چيو ته  ڪيترائي سنڌي پي ايڇ ڊي هولڊر هوندي هڪ گهٽ تعليم يافته ٻئي صوبي جي ماڻهو کي وي سي ڪرڻ سمجهھ کان ٻاهر آهي

 هنن مطالبو ڪيو ته نااهل وي سي ارشد سليم کي هٽائي نياڻي فرزانه سان انصاف ڪيو وڃي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے