26 اربع , سيپٽمبر 2018

سوئيزر لينڊ ۾ سري ديوي جو مجسمو ٺاهيو ويندو

sridevi will be created in Switzer Landزيورخ( ويب ڊيسڪ ) سوئس حڪومت مشهور بالي ووڊ ادڪارا سري ديوي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس مجسمو لڳائڻ جي باري ۾ سوچ ويچار ڪري رهي آهي. هلندڙ سال ديهانت ڪري ويل ڀارتي اداڪارا سري ديوي جو ادڪاري ۾ ڪو به مٽ نه هو، هن پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ڏنيون ۽ ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا. سري ديوي جي اوچتي لاڏاڻي نه رڳو سندس مداحن کي لوڏي ڇڏيو هو پر بالي ووڊ انڊسٽري کي پڻ وڏو صدمو رسيو هو. سري ديوي جي موت بعد کيس رڳو ڀارت نه پر عالمي سطح تي پڻ ايوارڊن سان نوازيو ويو ۽ سندس فني خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، هاڻ سوئيزر لينڊ ۾ پڻ سري ديوي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس مجمسو لڳائڻ جي حوالي سان سوچ ويچار ڪئي پئي وڃي. سوئس حڪومت پاران جاري ڪيل بيان موجب سري ديوي جي مشهور فلم” چاندني“ جي عڪسبندي ۾ سوئيزر لينڊ جا منظر ڏيکاريا ويا هئا ۽ اهو ئي سبب آهي ته جو سري ديوي جو مجسمو لڳائڻ جي حوالي سان تجويز غور هيٺ آهي. سوئس اختيارين جو چوڻ آهي ته ان قدم سان سوئيزر لينڊ ۾ سياحت کي هٿي ملندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے