25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

بغاوت جي ڪيس جي درخواست: شاهد خاقان عباسي جا وارنٽ جاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي دوران عدم پيشي تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف ممبئي حملن بابت انٽرويو ڏنو، جنهن سان ملڪي سلامتي کي نقصان پهتو، شاهد خاقان عباسي انٽرويو ڏيڻ ۾ نواز شريف جي مڪمل مدد ڪئي تنهن ڪري عدالت نواز شريف، شاهد خاقان عباسي ۽ سرل الميڊا خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪري. عدالت شاهد خاقان عباسي جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته عدالت اڊيالا جيل سپرنٽنڊنٽ کي نواز شريف ۽ ايس ايس پي آپريشن اسلام آباد کي سرل الميڊا کان نوٽيس تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے