19 اربع , سيپٽمبر 2018

هڪ لک ٽن ڀاڻ ٻاهران گهرايو ويندو، غريبن کي فائدو ڏينداسين: فواد چوڌري

The decision to withdraw money from the foreign country by federal cabinet, Task Force was establishedاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گئس جي اگهن ۾ اضافو في الحال نه پيو ڪيو وڃي، سبسڊي جو نظام واضح ڪيو ويندو ۽ تبديليون آنديون وينديون، سبسڊي جو معاملو وزيراعظم عمران خان جي سامهون رکيو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ اندر گئس جي چوريءَ ۾ به اضافو ٿيو آهي، هن وقت ملڪ ۾ گئس جو شعبو تباهه ۽ برباد آهي. هن چيو ته سوئي سدرن ۽ سوئي نادرن کي مسلم ليگ ن جي حڪومت ۾ 156 ارب رپين جو نقصان پهتو آهي، جڏهن ته سلينڊر جي قيمتن ۾ 70 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، صوبا ايل اين جي جي قيمت ۾ اضافي خلاف قدم کڻن پر في الحال گئس جي اگهن ۾ اضافو في الحال نه پيو ڪيو وڃي.  سندس چوڻ هو ته اهڙو نظام آڻينداسين جنهن ۾ غريبن کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي، آبادگارن جي سهولت لاءِ سبسڊي ڏني ويندي، آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ هڪ لک ٽن ڀاڻ ٻاهران گهرايو ويندو، ڪو به اهڙو قدم نه کڻبو جنهن سان آبادگارن کي نقصان پهچي، سبسڊي جو معاملو وزيراعظم عمران خان سامهون رکيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے