26 اربع , سيپٽمبر 2018

ڀارت ۾ پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج

Protest throughout the country against increase in prices of Petroleum War in Indiaنئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ پيٽروليم واري شين جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ  خلاف مخالف ڌر پارٽين جي طرفان سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي. جنهن سبب ڪيترن ئي رياستن ۾ڪاروباري مرڪز بند آهن. مخالف ڌر پارٽي ڪانگريس جي صدر راهول گانڌي جي اڳواڻي ۾ پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ هڙتال جو سڏ ڏنوويو جنهن ۾ مخالف ڌر جون 22 پارٽيون حصو وٺي رهيون آهن. وزيراعظم نريندر مودي ۽ سندس حڪومت خلاف پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ تي”ڀارت بند“ تحريڪ هلائي پئي وڃي جڏهن ته دهلي رياست جي حڪمران پارٽي عام آدمي پارٽي تحريڪ ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخالف ڌر جا وڏا نالا تحريڪ جي حمايت ڪري رهيا آهن جن ۾ شرد پاور، ايم ڪي اسٽالن ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جا اڳواڻ پڻ شامل آهن. مخالف ڌر پارٽين جي احتجاج سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ رياستن ۾ ڪرناٽڪا، مهاراشٽرا، ڪيرالا ۽ بهار شامل آهن جتي ڪارڪنن روڊن تي ٽائر ساڙي شهرين جي اچ وڃ روڪي ڇڏي آهي ۽ ڪيتريون ئي بازارون بند ڪرائي ڇڏيون آهن. ٻئي پاسي حڪومتي وزير روي شنڪر جو چوڻ آهي ته عوام ڄاڻي ٿو ته پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ جو واسطو حڪومت سان ناهي. دهلي جي رام ليلا گرائونڊ ۾ ڪانگريس جي ٽاپ ليڊرشپ ڪارڪنن کي خطاب ڪيو جنهن ۾ پارٽي صدر راهول گانڌي، سونيا گانڌي، اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه ۽ ٻيا شامل آهن.راهول گانڌي پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته وزيراعظم نريندر مودي جي چئن ورهين جي حڪومتي دور ۾ اهو ٿيو آهي جيڪو 70 ورهين جي تاريخ ۾ ناهي ٿيو، ملڪ ۾ نفرت پکيڙي وئي،  هڪ ڀارتي کي ٻئي ڀارتي سان وڙهايو ويو ۽ ملڪ کي ورهايو ويو. هن پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ بعد وزيراعظم نريندر مودي جي خاموشي تي چيو ته هو عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪم ٿي چڪو آهي جڏهن رپئي جي قدر گذريل 70 ورهين جي تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي آهي. ان موقعي تي اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه چيو ته مودي حڪومت ڪيترائي اهڙا قدم کنيا آهن جيڪي قوم جي مفاد ۾ ناهن تنهن ڪري وقت اچي ويو آهي ته حڪومت کي تبديل ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ ”سالياني عام بحث“ جي شروعات

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي واري اجلاس ۾ اڄ کان”سالياني عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے