22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڊينيئل زانگ علي بابا ۾ جيڪ ماڪي جي جاءِ والاريندو

Danielle Zang will fly to Maiki in Ali Babaبيجنگ( ويب ڊيسڪ ) آن لائين اي ڪامرس ڪمپني” علي بابا“ جي شريڪ باني ۽ چيف ايگزيڪٽيو 54 ورهين جي جيڪ ماني 2 ڏينهن اڳ ئي پنهنجي عهدي تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪيو هو. جيڪ ماني چيئرمين شپ ڇڏيندي تعليم ۽ انساني ڀلائي وارن منصوبن تي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو هو. جيڪ ماڪي طرفان عهدو ڇڏڻ وقت ڪمپني ان ڳالهه جي تصديق نه ڪئي هئي ته سندس جاءِ تي ڪمپني جو نئون چيئرمين ڪير هوندو. پر هاڻ علي بابا جي نئين ايگزيڪٽيو چيئرمين جي نالي جو اعلان ڪيوويوآهي. ڪارباري نشرياتي اداري بلوبرگ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته جيڪ ماڪي جي جاءِ تي 46 ورهين جي ڊينيئل زانگ کي علي بابا جو نئون ايگزيڪٽيو چيئرمين مقرر ڪيو ويندو. رپورٽ موجب جيڪ ماڪي ايندڙ سال سپٽمبر تائين پنهنجي عهدي کان الڳ ٿي ويندو، جنهن بعد ڊينيئل زانگ ايگزيڪٽيو چيئرمين جو ذميواريون ڏنيون ويندو. جيڪ ماني ايگزيڪٽيو چيف جي عهدي هڪ ڏهاڪي تائين خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ وڌيڪ هڪ سال تائين هو ان تي پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندو. جيڪ ما جيتوڻيڪ چيئرمين جي عهدي کان الڳ ٿي ويندو پر هو بورڊ آف گورنرز جو ميمبر هئڻ سميت ڪمپني جو شريڪ باني پڻ رهندو. سندس جاءِ وٺندڙ 46 ورهين جو ڊينيئل زانگ 2007 ۾ علي بابا کي چيف فنانشل آفيسر جو طور جوائن ڪيو هو، جڏهن ته هن وقت هو ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر (سي اي او) طور تي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. کيس ڪمپني جو صدر پڻ چيو ويندو آهي، جڏهن ته ايندڙ سال سپٽمبر تائين هو ڪمپني جي اعليٰ ترين عهدي يعني ايگزيڪٽيو چيئرمين جي مقرر ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے