24 سومر , سيپٽمبر 2018

ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، هڪ شهري شهيد

ميرپور( ويب ڊيسڪ ) لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر بنا جواز فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو. آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور سماهني جي سرحدي ڳوٺ جهامره ۾ ڀارتي فوج ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي شديد فائرنگ ڪئي. ڀارتي فوج پاران ايل او سي تي سڄي رات ننڍن هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري رکيو جڏهن ته فضا ۾ روشنيءَ جا گولا به فائر ڪيا ويا. ڀارتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ هڪ گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويو ۽ هڪ شهري شهيد ٿي ويو. شهيد شخص جي سڃاڻپ گفتار حسين جي نالي سان ٿي آهي. پاڪ فوج به چوڪين تي گولاباري ڪئي ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيندي دشمن جي توپن کي خاموش ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے