23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: پٿورو: ايس يو پي جي سڏ تي ديپڪ راٺوڙ ۽ شاگردياڻي فرزانه جي انصاف لاءِ احتجاج

Pithoro: SUP protest for the justice of Farzana Jamali case and Deepak Rathore *پٿورو ويجهو غلام نبي شاهه ۾ ايس يو پي جي سڏ تي ديپڪ راٺوڙ ۽ شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو .

 حيدرآباد پوليس ھٿان 2015 ۾ ھاف فراءِ ٿيل ڊاڪٽر ديپڪ راٺوڙ ۽ نوابشاھ ۾ پروفيسر ۽  وي سي پاران  شاگردياڻي فرزانا جمالي کي حراسان ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو .

ايس يو پي ڪارڪنن قادر ڪنڀر، سرور سنڌي، فيض محمد،  مشتاق ڪنڀر، سليم سمون،موھن ڀيل ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  حيدرآباد پوليس 2015 ۾ ھوٽل تي ويٺل ڊاڪٽر ديپڪ کي کنڀي ھاف  فراءِ ڪيو ھو، پوليس جي ناانصافي جو نوٽيس ورتو وڃي.

 هنن چيو ته  ڊاڪٽر ديپڪ راج جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي ڊاڪٽر ديپڪ جي گھر واري کي سرڪاري نوڪري ڏياري ديپڪ جي  خاندان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

هنن چيو ته سنڌ سرڪار جي منظور نظر وي سي پروفيسر پاران  فرزانا جمالي کي حراسان ڪرڻ جي ڏوھ ۾  کيس  معطل ڪري نياڻي فرزانا جمالي کي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے