21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان قائد اعظم جي ويزن کان هٽي چڪو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار  چيو آهي ته پاڪستان قائد اعظم جي تصورن کان هٽي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ ريفرنس جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته پاڪستان قائد اعظم جي ويزن کان هٽي چڪو آهي، خراب حڪمراني ۽ ناانصافي معاشري ۾ گهر ڪري وئي آهي، بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ عدالت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڊيم فنڊ جي اڏاوت لاءِ حڪومت کي هدايت ڏيڻ اهم ترين فيصلو هو. هن چيو ته گذريل عدالتي سال ۾ 19 هزار ڪيس اڪلايا ويا، اها شرح پنجن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، غير سنجيده ڪيس عدالت جي بار ۾ اضافو ڪندا آهن، التوا هيٺ ڪيس اڪلائڻ ۾ التوا ۽ رنڊڪن جا بهانا رنڊڪ آهن ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ زهر قاتل آهن. اٽارني جنرل انور مقصد خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ گذريل سال 36 هزار 501 ڪيس داخل ٿيا، جنهن ۾ 28 هزار 970 اڪلايا ويا، انصاف جي فراهمي ۾ پاڪستان 113 مان 106 هين نمبر تي آهي، عدليه کي پنهنجي آزادي هر قيمت تي برقرار رکڻ گهرجي، انصاف ٿيڻ گهرجي ڀلي آسمان ڇو نه ڪري پوي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے