21 اتوار , جنوری 2018

خوراڪ جي کوٽ ۽ مهانگائي – عاصمه ابڙو

Aasima Abro پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ان جو زرعي آبپاشي نظامن دنيا جي بهترين نظام ۾ شمار ڪيو پيو وڃي زراعت ملڪي معيشت جو هڪ اهم شعبو آهي ۽ ملڪ جي 44 سيڪڙو افرادي قوت انهي شعبي سان سلهاڙيل آهي پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين زرعي شعبي کي هڪ صنعت  جي حيثيت نه ملي سگهي آهي ۽ نه ئي وري پيداوار وڌائڻ تي ڪو خاص ڌيان ڏنو ويو آهي جنهن ڪري زرعي نظام ٻن طبقاتي بنيادن تي ورهائجي ويو آهي، هڪ پاسي وڏن وڏن جاگيردارن وٽ هزارين لکين ايڪڙ زمين آهي ته ٻئي پاسي ڏکن ۽ ڏولاون سان ڏتڙيل هاري آهن. لکين ايڪڙ ان ايراضي جا مالڪ اهي جاگيردار، سردار، وڏيرا، رئيس پنهنجي قبضي هيٺ آيل سموري زمين آباد نه ٿا ڪن ان کان علاوه هزارين ايڪڙ زمين تي پڻ ناجائز ۽ غيرقانوني طور قابض آهن ستر جي ڏهاڪي ۾ زرعي سڌارن لاءِ ڪجهه ڪوششون ورتيون ويون هيون پر ان کان پوءِ آيل حڪومتن ان معاملي ۾ ڪا به سنجيدگي نه ڏيکاري ڇو ته وڏي اڪثريت مٿين طبقن جي رهندي پئي اچي زراعت سان اهڙي سلوڪ نه رڳو معيشت نقصان پهچايو آهي پر پيداواري صلاحيت ۾ زراعت جو حصو به گهٽيو آهي، پر پيداوار جي 51 سيڪڙو مجموعي شرح جي ڀيٽ ۾ زرعي شعبي ۾ واڌ جي شرح 34 سيڪڙو آهي جنهن مان اندازو لڳا
ئي سگهجي ٿو ته زراعت کي لاڳيتو نظرانداز ڪيو ويو آهي. ماضي تي نظر ڊوڙائڻ سان خبر پوي ٿي ته پاڪستان جي قيام وقت زراعت ئي ملڪ جو مکيه شعبو هو ڇو ته ان وقت تائين صنعتي شعبي ڪا خاص ترقي نه ڪئي هئي جنهن سبب ملڪ جو دارو مدار زراعت تي هو پر بدقسمتي سان اهي ئي جاگيردار، رئيس ۽ وڏيرا تحريڪ پاڪستان ۾ شامل هئا، گڏيل هندوستان ۽ انهي طبقي جنهن انداز ۾ انگريز جي اشاري جي وڃي جي حضوري ۽ غلامي ۽ 1857ع جي بغاوت وقت انگريزن سان جيڪي واعدي وفايون ڪيون اهي به ڪنهن کان ڳجهيون ناهن.

ان طبقي انگريزن جي خوشامند ڪندي زرعي ايراضيون پنهنجي نالي الاٽ ڪرايون ۽ ان جي عيوض اهو طبقو هندستان ۾ انگريزن لاءِ اناج فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ زرعي محصول ٽيڪس روينيو ڍل ۽ آبيانو وصول ڪري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندو رهيو. اڳتي هلي انگريزن به  پنهنجي اقتدار کي طاقت بخشڻ لاءِ منصب دار جي جاءِ لائونڊويئر نالي هڪ طبقو اڳيان هلي ڪري وجود ۾ آندو ان کان پوءِ اهو طبقو پاڪستان ۾ زمين جو مالڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ اقتدار جو مالڪ ۽ سياست جو ڌڻي به ٿي ويو. اڄ پاڪستان ۾ جيڪا زرعي صورتحال آهي ان جو ذميوار اهو طبقو ۽ سگهاريون قوتون آهن حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته هڪ حد تائين زرعي شعبي سان سلهاڙيل جاگيرداراڻي طبقي ملڪي معيشت جو ڏيوالو ڪڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ڇو ته هو اقتصاديات جي اصولن ۽ سرمائيداري جي نظام جي چالبازين ۽ منڊي جي معيشت جو مقابلو ڪرڻ واري صلاحيت ۽ فن کان عاري هو، جنهن سبب پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ قرض تي گذارو ڪيو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪڻڪ جهڙي اهم جنس به پاڪستان پنهنجي قيام جي چند سالن بعد آمريڪا کان خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو.

اڄ صورتحال ان کان به خراب ٿي چڪي آهي پاڪستان ۾ اعلي قسم جي ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي جيڪا ٻاهر موڪلي وڃي ٿي ۽ ٻاهران غير معياري ۽ خراب ڪڻڪ برآمد ڪجي ٿي ڪڏهن انهي غيرمعياري ۽ خراب ڪڻڪ جون خبرون ميڊيا ذريعي ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. اڄ پاڪستان جو زرعي شعبو  بدترين صورتحال مان گذري رهيو آهي، اتي پوري هوش حواس سان اک پٽڻ جي ضرورت آهي غير متوازن ۽ نابرابري واري مٽاسٽا وڻج واپار ۽ وياج جي شرح وارين چالاڪين سبب عالمي سطح تي سرمائيدار قوتون سرمائيدراڻي معيشت ۾ جيڪا پولرٽريشن پيدا ڪئي وئي آهي بلڪه ان ۾ وڏي تيزي آڻي ڇڏي آهي ان جو سنيجدگي سان مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي زرعي معيشت اڄ ڪلهه بحراني ڪيفيت مان گذري رهي آهي اسان وٽ ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي پيداور کي ترقي ڏيارڻ ۾ رڪاوٽون موجود آهن انهي صورتحال کي آزاد اقتصاديات ڏانهن آندو پيو وڃي انهي صورتحال جي ڪري غريب عوام کي اٽو مهانگو خريد ڪرڻو پوي ٿو پاڪستان ۾ اٽي سميت خوراڪ ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافي جو سبب عالمي منڊي ۾ وڌندڙ تيزي ٻڌايو وڃي ٿو. گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري ايف اي او سال 2010ع اپريل مهيني ۾ خبردار ڪيو هو ته ايندڙ وقت ۾ پاڪستان ۾ غذائي جنس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو ڇو ته پاڙيسڙي ملڪن ۾ غذائي جنسن جون قيمتون مهانگيون ٿيون تنهنڪري اٽو چانور ۽ ٻيون کاڄرو شيون اسمگل ٿي انهن ملڪن ڏانهن وينديون ۽ سمورين شين خاص ڪري اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو. پاڻي جي کوٽ جو سبب وقت سر پيداوار نه ٿيڻ ۽ ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافو ٻڌايو پيو وڃي.

سال 2010ع 13 اپريل تي واشنگٽن ۽ عالمي بئنڪ جي هيڊ ڪوارٽر واري اجلاس ۾ ماهرن خبردار ڪيو هو ته خوراڪ جي کوٽ سبب دنيا گهرو ويڙهه ۽ جنگين جي ويجهو اچي رهي آهي گڏيل قومن جي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام مطابق پاڪستان ۾ غذائي کوٽ جي شڪار ماڻهن جو تعداد 6 ڪروڙ کان وڌي 7 ڪروڙ 70 لک تائين پهتو آهي جيڪو ملڪ جي آبادي جو تقريبن اڌ حصو آهي  ڊائريڪٽر انثوني لين بري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن جن کي روزانو 2350 ڪيلريز جي برابر خوراڪ نه ٿي ملي حيرت جي ڳالهه ته اها آهي جو انهي جا شڪار به اهي آهن جيڪي زراعت جي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهن پاڪستان ۾ خوراڪ جي بحران سبب غذائي کوٽ جو شڪار ٿيل ماڻهن جي وڏي تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جو هڪ سبب مهانگائي پڻ آهي جيڪو انتهائي سنڱين معاملو آهي. ايف اي او جي ڊائريڪٽر جنرل جيڪس ڊائف جو چوڻ آهي ته خوراڪ ۽ غذائي شين جون قيمتون 2004ع کان مهانگيون ٿيون آهن ۽ انهن ۾ اضافو جاري رهندو.

پاڪستان جي ڪل ايراضي 19 ڪروڙ 66 لک 36 هزار 7 سئو ايڪڙ آهن جنهن ۾ پوکائي لائق 5 ڪروڙ 62 لک 7 هزار 2 سئو ايڪڙ آهي، روينيو ڊپارٽمينٽ جي انگن اکرن مطابق 196 ملين ايڪڙ ايراضي ڳوٺ ديهه، تعلقي ۽ ضلعي ۾ اچي ٿي ۽ باقي بچيل ايراضي 1464 ملين ايڪڙ آهي جڏهن ته 9.04 ملين ايڪڙن تي ٻيلا آهن ۽ پوک لاءِ ايراضي 60.50 ملين ايڪڙ آهي جنهن ۾ 22.55 ملين ايڪڙ زمين پوک جي لائق آهي تنهن هوندي به ان سموري ايراضي تي پوک نه ٿي ٿئي، صرف 14 ملين ايڪڙ زمين تي پوک ڪئي وڃي ٿي پاڻي جي کوٽ به ٻين سببن جي ڪري فصل پوکي نه ٿا سگهجن. 40.31 ملين ايڪڙ زمين هوندي آهي جتي خريف ۽ ربيع مان ڪو به هڪ فصل پوکي سگهبو آهي اهڙي طرح اها ايراضي جنهن تي فصل پوکيو اها 56.21 سيڪڙو ٿئي ٿي جيڪا ٽوٽل ايراضي 196.63 ملين ايڪڙ جو 28.58 سيڪڙو ٿئي ٿي يو اين ڊي پي جي هڪ رپورٽ مطابق ايران کان پوءِ پاڪستان ٻيو وڏو ملڪ آهي جنهن کي فصل ۾ تمام گهڻي کوٽ درپيش آهي، پاڪستان ۾ زرعي ايراضي جو 30 سيڪڙو سم ۽ ڪلر 16 سيڪڙو زمين شڪار آهي فصلن جي پوک ڪنهن به منصوبي بندي بجاءِ صرف منڊي جي معيشت جي لالچ واري نفسيات تحت ڪئي پئي وڃي هڪ سال ڪنهن جنس جي پيدارو ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو وڃي جنهن سبب آبادگار کي پنهنجي جنس تمام گهٽ ريٽ تي وڪرو ڪرڻي پوي ٿي، ذخيري ڪرڻ جي سهولت نه هجڻ ڪري جنسون فروٽ ۽ سبزيون ضايع ٿي وڃن ٿيون.

پاڪستان ۾ زراعت جي لاڳت ۾ مسلسل اضافو آهي جنهن سبب زميندار طبقو تمام گهڻو پريشان آهي ناقص ٻج، نقلي زرعي دوائون ۽ مهانگو ڀاڻ انهن سببن جي ڪري زراعت کي تمام وڏو ڌڪ رسيو آهي دوائن جي استعمال ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۽ چمڙي جي بيمارين سان گڏ ڪينسر ۽ دل جي مرضن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. سبزين تي وڏي تعداد ۾ زهريلين دوائن جي استعمال سان عام ماڻهو انهن بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن زراعت بابت قومي ڪميشن 1988ع جي رپورٽ مطابق 1960.61 ع کان وٺي هن وقت تائين آبادي لائق زرعي ايراضي ۾ ڪو خاطرخواهه اضافو نه ٿيو آهي بلڪه ان ۾ گهٽتائي آئي آهي اڳ 60 سيڪڙو زرعي ايراضي آبادي هيٺ هئي جڏهن ته هاڻ اها گهٽجي 54 سيڪڙو تي پهتي آهي.

انهيءَ ڊيڄاريندڙ صورتحال جو سبب سم ۽ ڪلر جو وڌڻ ۽ پاڻي جي کوٽ آهي سنڌ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ درياءَ جو پاڻي نه پهچڻ جي ڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آهي جنهن لکين ايڪڙ ايراضي تباهه ڪري ڇڏي آهي 19 هين صدي تائين سنڌ جي ديلٽا ۾ 150 ملين ايڪڙ فوٽ تازو پاڻي ايندو هو جيڪو هاڻي گهٽجي سراسر طور 10 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي ويو آهي ان ۾ به ڪجهه سال بنهه سو ڪهڙي وارا هجن ٿا مثال طور 2010ع ۾ ڊيلٽا ڏانهن ملين فوٽ به پاڻي نه ڇڏيو ويو پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌو درياءَ مٿان تربيلا، منگلا ۽ چشما ڊيم تعيمر ڪيا ويا، انهن ڊيمن ۽ بئراجن ۾ وڌيڪ پاڻي وهائڻ سبب ڊيلٽا ڏانهن ايندڙ پاني ۾ گهٽتائي جي ڪري سامونڊي چاڙهه سبب 20 لک ايڪڙ زمين پوک لائق نه رهي آهي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پاڻي جي لاڳيتي کوٽ سبب سنڌ جي زرعي معيشت کي وڏو ڌڪ رسيو آهي 1999،2000ع وارن سالن اندر سنڌ ۾ زرعي شعبو جيڪي ارتقائي منزلون طئي ڪري رهيو هو ان کي گذريل ڏهاڪي دوران شديد نقصان رسيو آهي جيئن ته سنڌ جي ٻهراڙين جي معيشت جو دارو مدار گهڻو زراعت تي آهي تنهن ڪري زرعي اوسر ۽ لاٿ جو لازمي نتيجو ٻهراڙين جي غربت ۾ واڌ جو سبب بڻيو آهي جيڪو واضح طور نظر اچي ٿو خوراڪ جي کوٽ ۽ مهانگائي هڪ سنڱين معاملو آهي جنهن کي نظرانداز ڪرڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ظرف جي ڳولا

ڊاڪٽر غفور  ميمڻ ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته ظرف گرامر ۾ ٻوليءَ جو اهو لفظ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے